اسلام آباد – 11 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پوليو جي خاتمي، موذي مرضن کان ٻارن کي بچائڻ ۽ غذائيت جي کوٽ جي مسئلن تي ضابطو آڻڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن بل اينڊ ??لنڊا گيٽس فائونڊيشن جي شريڪ چيئرمين بل گيٽس سان ??يل??فون تي ڳالهائيندي ڪيو. وزيراعظم بل گيٽس سان صحت ۽ سيڪٽر پروگرامن بابت معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. وزيراعظم بل اينڊ ??لنڊا گيٽس فائونڊيشن جي پاڪستان ۾ خدمتن کي ساراهيندي چيو ته بل اينڊ ??لنڊا گيٽس فائونڊيشن سان گڏجي جاري تعاون کي وڌيڪ بهتر ۽ نتيجاخيز بڻائڻ چاهيون ٿا. هن چيو ته وسيلن ۾ سڀني جي شموليت جي لاءِ موجوده حڪومت خصوصي ڌيان ڏئي رهي آهي. بل گيٽس وزيراعظم شهباز شريف جي قيادت ۽ پوليو جي خاتمي لاءِ پاڪستان جي ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته پوليو وائرس کان ٻارن کان معذور ٿيڻ کان بچائڻ جي لاءِ پاڪستان جي ڀرپور جاري رکندو. وزيراعظم ۽ بل گيٽس غذائيت جي کوٽ ا??ٽي??ڊرڊ گروٿ (اڻ مڪمل واڌويجهه) بيمارين کان بچاءُ جي لازم?? خدمتن جي فراهمي بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي. ان کانسواءِ مائيڪرو پيمنٽ گيٽ وي (راست) ۽ قومي بچاءُ پروگرام کي ڊيجيٽل ڪرڻ بابت معاملا به غور هيٺ آيا. وزيراعظم ۽ بل گيٽس ويجهي تعاون ۽ گڏيل حصيداري سان ڪم جاري رکڻ تي به اتفاق ڪيو. واضح رهي ته بل اينڊ ??لنڊا گيٽس فائونڊيشن پاڪستان ۾ صحت ۽ ٻي?? سماجي ڀلائي جا پروگرام هلائي رهي آهي.