اسلام آباد – 14 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان متحده قومي موومينٽ جي ڪنوينر ۽ قومي اسيمبلي ميمبر خالد مقبول صديقي ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميديا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ ملڪي سياسي صورتحال تي تفصيلي مشاورت ۽ ڳالهه ٻ??لهه ڪئي وئي. ملاقات ۾ خالد مقبول صديقي بجيٽ 24 – 2023ع ۾ سنڌ خاص طور تي شهري علائقن جي لاءِ ترقياتي منصوبن کي شامل ڪرڻ تي ٿورا مڃيا. هن ڪراچي ۾ پاڻي جي پراڻي مسئلي کي حل ڪرڻ جي لاءِ سالن کان تعطل جو شڪار ڪي ??? ف??ر منصوبي جي پيڙهه جو پٿر رکڻ تي وزيراعظم شهباز شريف کي خراج تحسين پيش ڪيو. خالد مقبول صديقي ملڪي سامونڊي علائقن ۾ بپرجوائي طوفان جي امڪاني اثرن جي ڏس ۾ رياست جي سمورن وسيلن کي عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ لاءِ استعمال ۾ آڻڻ تي پڻ وزيراعظم جا ٿورا مڃيا.