اسلام آباد – 09 – جون (اي پي پي) ايندڙ مالي سال 24 – 2023ع جي بجيٽ ۾ سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرام (پي ايس ڊي پي) تحت نيشنل هاءِ ويز اٿارٽي جي 68 جاري، 51 نئين ۽ بلٽ، آپريٽ اينڊ ٽرانسفر جي 3 اسڪيمن سميت سمورن منصوبن جي لاءِ مجموعي طور تي 157860.390 ملين رپيا رکيا آهن. ڪالهه جمعي ڏينهن جاري پي ايس ڊي پي جي دستاويز موجب نيشنل هاءِ ويز اٿارٽي جي 68 جاري منصوبن جي لاءِ 103375.614 ملين رپيا رکيا ويا آهن. آپريٽ اينڊ ٽرانسفر جي ٽن منصوبن جي لاءِ 10000 ملين رپيا رکيا ويا آهن. اهڙي طرح 51 نئين منصوبن جي لاءِ 44124.386 ملين رپيا رکيا ويا آهن. دستاويز موجب جاري منصوبن ۾ ڪار??ڪ لنگهه ترقياتي پروگرام سيڙڪاري (ايشيائي ترقياتي بئنڪ) جي پيٽارو – سيوهڻ حصو (128) ڪ??وم??ٽر منصوبن، پشاور – دره آدم خيل (36 ڪ??وم??ٽر)، شڪارپور – رتوديرو (44 ڪ??وم??ٽر) جي لاءِ 2500 ملين رپيا رکيا ويا آهن. شڪارپور – راجن پور اين 55 ڪار??ڪ لنگهه جي اضافي ڪيرج وي جي تعمير جي منصوبي لاءِ 3500 ملين رپيا رکيا ويا آهن. حيدرآباد – سکر موٽروي ايم 6 جي تعمير، سيالڪوٽ (سمبڙيال) کاريان موٽروي 69 ڪ??وم??ٽر جا منصوبا شامل آهن.