اسلام آباد – 01 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته عمران ??يازي انساني حقن جي پائمالي جي ڪوڙي پروپئگنڊه پکيڙي 9 مئي جي افسوسناڪ واقعن تي پنهنجي ڏوهاري ڪردار تان ڌيان ??ٽائڻ جي لاءِ ڪنهن به حد تائين وڃي سگهي ٿو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته عمران ??يازي جي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ پوليس بابت توهين آميز مهم بابت ڪا غلط فهمي نه هجڻ گهرجي، هڪ ڀيرو ٻيهر هو انساني حقن جي پائمالي جي ڪوڙي پروپئگنڊه پکيڙي 9 مئي جي واقعن ۾ پنهنجي ڏوهاري ڪردار تان ڌيان ??ٽائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، مون کي ??ن جي حربن تي ڪا حيراني نه آهي. هن چيو ته هڪ اهڙو شخص جيڪو مسلسل رياستي ادارن جي خلاف غليظ زبان استعمال ڪري، جيڪو ماڻهن کي جل??ءُ گهير??ءُ ۽ تشدد جي ترغيب ڏئي عسڪري ٺڪاڻن، رياستي علامتن ۽ شهيدن جي يادگارن تي حملا ڪرائي اهو ڪنهن به حد تائين وڃي سگهي ٿو. هن چيو ته هو هڪ اهڙي تنظيم جو سر??راهه آهي جيڪا ماڻهن کي بيوقوف بڻائڻ جي لاءِ هڪ منظم ”ڊس انفارميشن نيٽ ورڪ“ هلائي ٿي، عمران ??يازي جي سڃاڻپ نفرت، ورڇ ۽ ڪوڙ کانسواءِ ڪجهه به نه آهي.