اسلام آباد – 06 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان هائوسنگ، تعميرات ۽ ترقي بابت ??ومي رابطا ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي، ڪميٽي جو مقصد تعميرات ۽ ترقي بابت سرگرمين جو فروغ ??اص طور تي نئين پاڪستان هائوسنگ اسڪيم جي تحت معاشري جي گهٽ آمدني وارن ماڻهن لاءِ سستا گهر تعمير ڪرڻ آهي، نئون پاڪستان هائوسنگ اينڊ ڊولپمينٽ اٿارٽي جو چيئرمين ڪميٽي جو سر??را??ه هوندو، وزيراعظم ميڊيا ??نگ موجب ڪميٽي جو سر??را??ه هفتي ۾ ٻه ڀيرا وزيراعظم کي اجلاس جي ڪارروائي جي اڳڀرائي کان آگاهه ڪندو.