لاهور – 07 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي ??عا??ن ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته تيزي سان بدلجندڙ دنيا سوشل ميڊيا جي اهميت کي پهرين کان ڪيترائي ڀيرا وڌائي ڇڏيو آهي، وزيراعظم جي خواهش آهي ته عوامي ڀلائي لاءِ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون سوشل ميڊيا کي هڪ موثر ميڊيم جي طور تي استعمال ڪرڻ جي غرض سان جامع پاليسي جوڙين. هو وزيراعليٰ هائوس لاهور ۾ اطلاعات واري صوبائي وزير فياض الحسن چوهاڻ سان گڏ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي بهتر ح??مت عملي جوڙڻ جي حوالي سان منعقد اجلاس جي صدارت ڪري رهي هئي، اجلاس ۾ ??ري?? انفارميشن ڊپارٽمينٽ، پيمرا، ايسوسيئيٽيڊ ??ري?? آف پ??ڪس??ان (اي پي پي)، ريڊيو پ??ڪس??ان، پي ٽي وي ۽ ڊي جي پي آر جي آفيسرن شرڪت ڪئي.