حويليان – 18 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اسلام کي پئسو ٺاهڻ جي لاءِ وڪرو ڪرڻ کان وڏو ٻيو ڪو ڏوهه نه آهي، ڊيزل ۽ ڪشمير ڪميٽي جي چيئرمين شپ تي و??امجندڙ دين جي نالي تي سياست ۽ ماڻهن کي گمراهه ڪري رهيو آهي، ??يڪو جيترو وڏو چور آهي اهو ڪنٽينر تي چڙهي ايترو ئي و??يڪ گوڙ ڪري رهيو هو، اڄ آئون پنهنجي ڪرسيءَ جي لاءِ م?? مڪا ڪري وٺان ته اهي سڀ آرام سان ويهي رهندا پر مون کي ووٽ جي نه پنهنجي آخرت جي فڪر آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن هزاره موٽروي فيز ٽو منصوبي تحت شاهه مقصود – مانسهره سيڪشن جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.