اسلام آباد – 24 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعو??ڻ چيو آهي ته وزيراعظم مظلوم ڪشميرين جو ترجمان، سفير ۽ وڪيل بڻجي ڪيس وڙهي رهيو آهي، قوم جي هر ماڻهو کي ان ۾ پنهنجو آواز ملائڻو پوندو ڇو ته ڪشمير اسان جي وجود ۽ مستق??ل جو معاملو آهي، پاڪستان جو وجود ڪشمير کان??وا??ِ اڻ مڪمل آهي جيستائين ڪشمير پاڪستان جو حصو نٿو بڻجي اسان جي جدوجهد جاري رهندي، پاڪستان نيشنل ڪائونسل آف دي آرٽس ۾ والاريل ڪشمير جي مظلوم ۽ معصوم ڪشميرين جي درد ڀري ڪهاڻي جي موضوع تي منقعد ٿيٽر ڏسڻ کانپوءِ خطاب ڪندي ڊاڪٽر فردوس عاشق اعو??ڻ چيو ته ٿيٽر مظلوم ڪشميرين جي درد ڀري ڪهاڻي تي ٻڌل آهي.