اسلام آباد-10 جنوري (اي پي پي) سيڙپڪاري بورڊ واري وف??قي وزير عبدالعليم خان سان ترڪيه جي ايئر لائن پيگاسس ۽ ڪاروباري اداري هٽ اِٽ ج?? چيئرپرسن نور گوڪمان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي دلچسپيءَ جي گڏيل معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وف??قي وزير ملاقات دوران ڳالهائيند?? چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ پُراڻا، دوستاڻا، تاريخي ناتا ۽ گهرا رابطا آهن، ٻنهي ملڪن جو عوام هڪٻئي سان دلي رشتن ۾ ٻَڌل آهي. هن چيو ته اسان ترڪيه سان واپاري ڳاڻيٽي ۾ واڌ ۽ ٻه طرفي ڪاروباري سرگرمين کي هٿي ڏيڻ چاهيون ٿا. هٽ اِٽ ۽ پيگاسس ج?? چيئرپرسن پاڪستان ۾ مواصلات ۽ شهري هوابازي جي معام??ن ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪند?? چيو ته ترڪيه پاڪستان سان بزنس ٽو بزنس سرگرمين ۾ واڌ جو خواهشمند آهي. هن وف??قي وزير کي ٻُڌايو ته هٽ اِٽ ڪمپ??ي 70 وڏين ايئر لائنز سان مارڪيٽ شيئر رکي ٿي ۽ اسان جي ڪمپني پي آءِ اي جي سڀ کان وڏي پارٽنر ۽ دنيا ۾ هوابازي جي شعبي ۾ ٽين وڏي ڪمپني آهي. وف??قي وزير هٽ اِٽ طرفان پاڪستان ۾ بزنس ۾ دلچسپيءَ جي آجيان ڪند?? چيو ته پاڪستان مواصلات جي شعبي ۾ وڏي پيماني تي هاڪاري تبديليون آڻي رهيو آهي، پرڏيهي ڪاروباري ادارن جي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري لاءِ مڪمل همٿ افزائي ڪنداسين. وف??قي وزير چيئرپرسن لاءِ پاڪستان ۽ پاڪستاني عوام پاران خير سگالي جي جذبن جو به اظهار ڪيو. ملاقات ۾ هٽ اِٽ ج?? چي?? آفيسر اطيله ليزي ۽ پاڪستان لاءِ ڪوآرڊينيٽر آسي غامزي به ملاقات جي موقعي تي موجود هئا.