اسلام آباد- 07 جنوري (اي پ?? پي) واپار وارو وفاقي وزير ڄام ڪمال خان 03 ڏينهن جي سرڪاري دوري تي ڏکڻ ڪوريا پهچي ويو. واپار واري وزارت پاران جاري ڪيل پ??رائي مطابق واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان جي ڏکڻ ڪوريا پهچڻ تي پاڪستاني سفارتخاني، ٽي آءِ او ۽ پاڪستاني بزنس ??يس?? سي ايشن ڪوريا ۽ ٻين اختيارين سندس استقبال ڪيو. وفاقي وزير پنهنجي ان دوري دوران پاڪستان ۽ ڪوريا وچ ۾ اقتصادي شراڪتداري معاهدي تي معاهدا پڻ ٿيندا جنهن سان ٻه طرفو واپاري ڳاڻيٽو ٻيڻو ٿيڻ جي اميد آهي. واپار وارو وفاقي وزير دوري دوران ڪوريا جي واپار واري وزير ۽ اتان جي اهم سيڙپڪارن سان پڻ ملاقاتون ڪندو ۽ ڪوريا جي صنعتي ڪمپ??ين کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي دعوت پڻ ڏ??ندو. ڪوريا جي بينڪ ڪي- ايگزم سان مالي سهڪار تي پڻ ڳالهيون ڪيون وينديون. وفاقي وزير ان موقعي تي ڪوريا ۾ ترسيل پاڪستاني واپارين، ملازمن، پورهيتن ۽ ٻي برادري سان به ملاقاتون ڪندو.