پشاور-25 ڊسمبر (اي پي پي) خيبرپختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي ڪرسمس جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته ملڪ خاص طور تي ڪي پي ڪي جي مسيحي برادريءَ کي ڪرسمس جي خوشين تي دلي مبارڪون پيش ڪريون ٿا، ڪرسمن امن، محنت، هڪٻئي جو احتر??م ڪرڻ ۽ خوشيون وِرهائڻ جو ڏڻ آهي. گورنر چيو ته ڪرسمس محبت، امن، رواداري ۽ ڀائي??ار?? جو پيغام ڏئي ٿو، جيڪي انساني زندگيءَ جا بنيادي اصولن آهن، ملڪي ترقي ۽ خوشحالي ۽ استحڪام ۾ مسيحي برادريءَ جون خدمتون هميشه تعريف جوڳيون رهيون آهن. هن چيو ته اسان جي ملڪ جو آئين سمورن شهرين کي هڪجهڙا حق فراهم ڪري ٿو، اسان سڀني کي گڏجي هڪ پُرامن، خوشحال ۽ ترقي يافته معاشري جي ??يا?? لاءِ ڪوششون ڪرڻ گهرجن. هن چيو ته اسان کي سمورا اختلاف وِِساري هڪ بهتر ۽ هم آهنگ معاشري جي ??يا?? لاءِ متحد ره??و آهي، پاڪستاني هئڻ جي حيثيت سان ملڪ جي ترقي، امن ۽ محبت کي هٿي ڏيڻ لاءِ پنهنجي ڪردار ک?? وڌيڪ مضبوط بڻائڻو آهي.