اسلام آباد-23 ڊسمبر (اي پي پي) ??در آصف علي زرداري سان وزيراعظم محمد شهباز ??ريف ايوانِ ??در ۾ ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ ملڪ جي مجموعي سياسي، معاشي ۽ سيڪيورٽي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ??در ۽ وزيراعظم ملڪي ترقي لاءِ گڏجي اڳتي وڌڻ جي عزم کي ورجايو. ايوانِ ??در جي پريس ونگ موجب ملاقات ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق خان، گهرو وزير سيد محسن نقوي، ڪي پي ڪي جو گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي، اڳوڻو وزيراعظم راجا پرويز اشرف ۽ قومي اسيمبليءَ جو ميمبر سيد نويد قمر به شامل هئا. وزيراعظم شهباز ??ريف، ??در آصف علي زرداري جي صحت لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ??در ۽ وزيراعظم ملاقات دوران پارليامينٽ ۾ قانونسازيءَ جي معاملن تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي. ٻنهي اڳواڻن قانوني معاملن سمورن سياسي اسٽيڪ هولڊرز جي مشاورت سان اڳتي وڌڻ جو فيصلو ڪيو. صدر آصف علي زرداري وزيراعظم کي ملڪي ترقي ۽ استحڪام لاءِ سهڪار جي خاطري ڪرائي.