لاهور- 20 نومبر (اي پي پي) بابا گورو نانڪ جي 555هين جنم ڏينهن جي موقعي تي ڀارت سميت سڄي دنيا مان آيل سک يات??ين گوردواره رهڙڪي صاحب ايمن آباد جو دورو ڪيو. گوردواره رهڙڪي صاحب ۾ رسمون ادا ڪرڻ کانپوءِ يات??ين جو جٿو سخت سيڪيورٽي ۾ گذريل ڏينهن گوردواره ڊيره صاحب لاهور پهچي ويو. ان موقعي تي ايويڪيو ٽرسٽ بورڊ جي ايڊيشنل س??ڪريٽري سيف الله کوکر ٻڌايو ته ايويڪيو ٽرسٽ بورڊ جي چيئرمين سيد عطالرحمان جي هدايتن مطابق گوردواره ڊيره صاحب لاهور ۾ سک يات??ين لاءِ رهائش جا بهت??ين انتظام ڪيا ويا آهن، گردواره جي عمارت کي چمڪندڙ بتين سان روشن ڪيو ويو آهي جڏهن ته گريٽر اقبال پارڪ ۽ شاهي قلعي جي ڀرپاسي سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا آهن. ايويڪيو ٽرسٽ بورڊ جي سيڪيورٽي ۽ ميڊيڪل ٽيم هر وقت يات??ين سان گڏ موجود آهن ۽ انهن کي هر طرح جون سهو??تو?? فراهم ڪيون پيون وڃن. سک ياتري گوردواره ڊيره صاحب لاهور ۾ 2 ڏينهن قيام ڪندا، جتي سک يات??ين جي اعزاز ۾ تقريب منعقد ڪئي ويندي. طئي ٿيل شيڊول مطابق ياتري 23 نومبر تي 10 ڏينهن وارو دورو مڪمل ٿيڻ تي ڀارت واپس روانو ٿي ويندا.