اسلام آباد-16 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽ?? جي نائب صدر سينيٽر شيري رحمان آئيني ترميمن تي شروعاتي اتفاق ۽ گڏيل صلاح سان اڳيان وڌڻ جو جذبو جمهوريت جي فتح قرار ڏيندي چيو آهي ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي ويزن جي سچائي 18 سالن کان پوءِ به ثابت ٿي رهي آهي. پ پ ميڊيا سيل مان جاري ڪيل بيان موج?? شيري رحمان چيو ته اميد آهي ته سموريون سياسي ۽ جمهوري قوتون قوم کي اتفاق راءِ جو تحفو ڏينديون. ميثاقِ جمهوريت جي شروعات شهيد محترمه بينظير ڀٽو ڪئي، صدر زرداري ان تي عمل ڪرايو، بلاول ??ٽو زرداري 18 سالن کانپوءِ ان اڌوري ايجنڊا جي مڪمل ٿيڻ جي عمل جي اڳواڻي ڪري رهيو آهي. هن چيو ته ميثاقِ جمهوريت جي اڌوري ايجنڊا کي مڪمل ڪرڻ ۾ بلاول ??ٽو زرداري تاريخي ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، ڳالهيون ئي جمهوريت جي اصل طاقت ۽ بند دروازن جي ڪُنجي آهي، آئيني ترميمن تي اتفاق جي سوچ ۽ جمهوريت جو جذبو ۽ پ??رليامينٽ جي بالادستي کي وڌي?? مضبوط ڪندو. عدل جي نظام جي اصلاح سان ڪروڙين پاڪستانين ۽ جيلن ۾ سالن کان انصاف جي انتظار ڪندڙ قيدين کي انصاف جي وقت سر فراهمي سان رليف ملي سگهندو. هن چيو ته ملڪ ۽ قوم، آئين ۽ قانون ۽ جمهوريت اصولن لاءِ گڏيل ڪوششن ڪندڙ جمهوري قوتون ۽ پ??رٽيون تحسين لائق آهن.