اسلام آباد – 15 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان بيلاروس جي وزيراعظم رومان گولوف چينڪو اسلام آباد ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي ڪائونسل ??ف هيڊز آف گورنمينٽ (سي ايڇ جي) اجلاس جي موقعي تي ٻطرفي ملاقات ڪئي جنهن ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف ٻطرفن لاڳاپن خاص طور تي واپار، سيڙپڪاري، زرعي مشينري، گڏيل طور ??ي ٽريڪٽرز جي تياري ۽ مواصلات جي شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب شنگهائي تعاون تنظيم جي اجلاس ۾ بيلاروس جي شرڪت جي آجيان ڪندي وزيراعظم محمد شهباز شريف بيلاروس کي ايس سي او جو مڪمل ميمبر بڻجڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ ”شنگهائي اسپرٽ“ کي فروغ ڏيڻ ۾ بيلاروس سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي ??اڪ??تان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.
هن سال جولاءِ جي شروع ۾ آستانه ۾ صدر اليگزينڊر لوڪاشينڪو سان پنهنجي لاڀائتي ملاقات جو ذڪر ڪندي وزيراعظم چيو ته اعليٰ سطح جي باقاعده ملاقاتن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ خوشگوار لاڳاپن کي هڪ مثبت رفتار فراهم ڪئي آهي جنهن کي برقرار رکڻ جي ضرورت آهي. هن ??طرفن لاڳاپن خاص طور تي واپار، سيڙپڪاري، زرعي مشينري، گڏيل طور ??ي ٽريڪٽرز جي تياري ۽ مواصلات جي شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏ0نو. گولوف چينڪو ايس سي او سربراهه اجلاس جي ڪامياب انعقاد ۽ ان جي مثبت نتيجن تي ??اڪ??تان کي دل جي گهراين سان مبارڪباد ڏني. هن ??اڪ??تان ۾ شاندار ميزباني تي وزيراعظم محمد شهباز شريف جا ٿورا مڃيا. هن ??قين ڏياريو ته بيلاروس شنگهائي تعاون تنظيم جي ??قص??ن، اصولن ۽ ترجيحن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ ۽ ??اڪ??تان جي شنگهائي تعاون تنظيم جي ڪائونسل ??ف هيڊز آف گورنمينٽ جي چيئر جي حيثيت سان ??اڪ??تان سان ڀرپور تعاون ڪندو. گولوف چينڪو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن جي مثبت رخ تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ گڏيل ڪوششن جي ذريعي مفاد جي سمورن شعبن ۾ گڏيل فائديمند تعاون کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو.