نيويارڪ – 27 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ نيپال جي وچ ۾ ڊگهي مدي و??ري تعاون خاص طور تي واپاري، اقتصادي ۽ سياحت جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪي?? آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران ج??ري پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 79هين اجلاس جي موقعي تي نيپال جي وزيراعظم ڪي پي شرما اولي سان مل??قا?? ڪئي آهي. ان موقعي تي وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪي پي شرما اولي کي نيپال جي وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. هن پاڪستان ۽ نيپال جي وچ ۾ گهري ٻطرفن لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار ڪندي پاڪستاني عوام پاران نيپال جي حڪومت ۽ عوام جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار به ڪي??. وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڊگهي مدي و??ري تعاون خاص طور تي واپاري، اقتصادي ۽ سياحت جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي خواهش جو اظهار ڪي??. وزيراعظم نيپال جي وزيراعظم کي پاڪستان جي دوري جي دعوت به ڏني. ٻنهي اڳواڻن ٻطرفي ۽ علائقائي تعاون جي فروغ جي عزم جو ورجاءُ به ڪي??.