اسلام آباد – 17 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ان ڳالهه تي زور ڏنو آهي ته موسمياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ جي ??اءِ پاڪستان ??ون مالي ضرورتون تمام گهڻيون آهن ۽ موسمياتي تبديلي جي اثرن کي منهن ڏيڻ جي ??اءِ ايشيائي ترقياتي بئنڪ (اي ڊي بي) پاران ??عاون وڌائڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته 2022ع ۾ شديد موسمياتي تبديلين ۽ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ ملڪي معيشت سان گڏوگڏ زراعت جي شعبي، تعليمي ۽ رستن جي بنيادي ڍانچي تي گهرا اثر ڇڏيا آهن. ايوان ??در جي ??ريس ونگ موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان ??در ۾ ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي صدر ??سرتسوگو اساڪاوا سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. ملاقات دوران ??ينيٽر شيري رحمان ۽ سينيٽر سليم مانڊوي والا پڻ شريڪ هئا. صدر ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي صدر کي پاڪستان کي درپيش معاشي ۽ ماحولياتي چئلينجز بابت آگاهه ڪيو. هن چيو ته دهشتگردي جي خلاف جنگ ملڪ کي تمام گهڻو معاشي نقصان پهچايو آهي. صدر ??اڪستان ??ي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي ??اءِ ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي تعاون کي ساراهيو. هن 2022ع جي ??وڏ جي ڏس ۾ پاڪستان جي ??دد ڪرڻ تي ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي صدر جا ٿورا مڃيا. ايشيائي ترقياتي بئنڪ (اي ڊي بي) جي صدر ??سرتسوگو اساڪاوا چيو ته پاڪستان کي موسمياتي تبديلي جا سنگين اثر درپيش آهن، خاص طور تي گليشيئرز تيزي سان پگهري رهيا آهن. هن چيو ته ايشيائي ترقياتي بئنڪ ايندڙ ٽن سالن دوران پاڪستان کي ساليانو 2 ارب ڊالر جي امداد فراهم ڪندي ۽ انفراسٽرڪچر جي ترقي ۽ آبهوا کي منهن ڏيڻ جي ??دمن جي حمايت جي ??اءِ بئنڪ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. وڌيڪ اهو ته هن پاڪستان ۾ معاشي بحالي ۽ استحڪام جي تازن انگن اکرن کي ساراهيو.