اسلام آباد-16 سيپٽمبر (اي پي پي) بچاءَ وا??ي وفاقي وزير خواجه محمد آصف چيو آه?? ته پارليامينٽ عوامي اُمنگن جي ترجمان آه??، آئيني حدن اندر رهندي ان کي طاقتور بڻائڻ چاهيون ٿا، ڄاڻايل آئيني ترميمن جو انداز ميثاق جمهوريت جا دستاويز آه??، انهن ترميمن کي مڪمل اتفاق راءِ کانپوءِ ايوان ۾ پيش ڪيو ويندو. ڪالهه قومي اسيمبليءَ ۾ پنهنجن خيالن جو اظهار ڪندي بچاءَ وا??ي وزير چيو ته اسان جي شعور ۾ اهي ڄاڻايل ترميمون آئيني معاملن کي متوازن بڻائڻ آه??. ڄاڻايل آئيني ترميمن جو انداز محترمه بينظير ڀٽو ۽ ميان نواز شريف وچ ۾ طئي ٿيل ميثاق جمهوريت آه??. ان ۾ ڪا سياست نه هئي نه ان کي سياسي رنگ ڏنو پئي ويو. انهن ترميمن تي اتفاق راءِ ٿ?? وئي ته انشاءَ الله اهو ايوان ۾ به ايندو. هن چيو ته آئين جي آرٽيڪل 63 اي ۾ به ترميمن جي تج??يز آه??. آئيني عدالت جي ضرورت جو ذڪر به ميثاق جمهوريت ۾ آه??. ڪيترن ئي ملڪن ۾ آئيني عدالتون موجود آه??. عدالتن ۾ 25-25 سالن تائين ڪيس ٻُڌڻيءَ هيٺ آه?? ۽ ڪيترائي بيگناهه ماڻهو به سزا ڀوڳي رهيا آه??. عام ماڻهوءَ جي زندگيءَ کي آسان بنائڻ جي ان ڪوشش ۾ اسان جو ڪو سياسي فائدو ناهي. هن چيو ته اعليٰ عدليه جي بحاليءَ کان پوءِ هڪ سينيئر جج جي مشاورت سان ججن جي مقرري جو طريقيڪار بڻايو ويو آه??. اسان آئين موجب ان معاملي ۾ به ان ايوان جي ڪردار کي اثرائتو بڻائڻ چاهيون ٿا. اسان نٿا چاهيون ته پارليامينٽ رٻڙ اسٽيمپ طور ڪم ڪري، جيڪو اسان جو حق بڻجي ٿو اهو اسان کي ملڻ ??هرجي. آئين پارليامينٽ کي جيڪا عزت ۽ وقار ڏيڻ چاهي ٿو اسان ان کي لاڳو ڪرڻ چاهيون ٿا، ان ۾ اسان جو ڪو سياسي مفاد ناهي. ميثاق جمهوريت جي مسودي کي اسان ان سڄي عمل لاءِ مشعل راهه طور استعمال ڪيو آه??. ڪوبه باشعور شخص يا ادارو انهن تج??يزن سان اختلاف نٿو ڪري سگهي. اسان آئين کي ان شڪل ۾ آڻينداسين جيڪو ميثاق جمهوريت سان مطابقت رکندو هجي.