اسلام آباد-13 سيپٽمبر(اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته رسول ڪريم صلي ال??ه عليه واله وسلم جن جي تعليم ڀائيچ??ري??امن، انصاف ۽ انسانيت جو درس ڏئي ٿي، ان کي پنهنجي زندگين تي لاڳو ڪرڻ جي ضرورت ??هي. اهڙن خيال جو هن اظهار هن جمعي ڏينهن عيد ميلاد ال??بي جي مناسبت سان پارليامينٽ هائوس ۾ خطاطي نمائش ۽ سيرت محل بڪ ڪارنر جي افتتاح جي موقعي تي ڪيو . سردار اياز صادق چيو ته نبي ڪريم صلي ال??ه عليه وسلم انسانيت جا محسن آهن ۽ حضور پاڪ جي سيرت طيبه ۽ حسن اخلاق اسان سڀني لاءِ مشعل راهه آهي . هن چيو ته نبي ڪريم صلي ال??ه عليه وسلم جي اسوه حسنه تي عمل ڪرڻ سان ئي دنيا ۽ آخرت ۾ ڪاميابي ممڪن آهي . سندن تعليمات اسان کي ڀائيچ??ري?? امن، انصاف ۽ انسانيت جو درس ڏئي ٿي. هن مبارڪ مهيني ۾ اسان کي حضور پاڪ صه جي تعليمات تي عمل ڪرڻ جي ضرورت آهي .اسپيڪر چيو ته نمائش ربيع الاول جي مبارڪ مهيني جي مناسبت سان منعقد ڪئي وئي آهي . واضع رهي ته نمائش ۾ 25 کان وڌيڪ اسلامي ملڪن جي سفيرن، پارليامينٽ جي ميمبرن ۽ ٻين شخصيتن شرڪت ڪئي . نمائش ۾ خطاطي جا 112 فن پارا رکيا ويا آهن جيڪي نالي وارن خطاطن جي تخليقي صلاحيتن جي نشاندهي ڪن ٿا. اسپيڪر ان موقعي تي واصل شاهد جي تخليقي صلاحيتن جي تعريف ڪندي تقريب ۾ شريڪ پارليامينٽ جي ميمبرن ۽ مختلف ملڪن جي سفيرن جو شڪريو ادا ڪيو .هن وڌيڪ چيو ته سيرت محل بڪ ڪارنر ۾ نبي صلي ال??ه عليه وسلم جي حيات طيبه جي حوالي سان 400 ناياب ڪتاب رکيا ويا آهن جيڪي نبي ڪريم جي حيات طيبه جي حوالي سان معلومات فراهم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا.