اسلام آباد -26 آگسٽ (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي چيو آهي، ته بلوچستان ۾ دهشتگ??دي جي واقعن جي جاچ کان پوءِ حقيقتون ثبوتن سميت سامهون آڻينداسين، تخريبڪاري جا واقعا پاڪستان ۾ عدم استحڪام ??يدا ڪرڻ جي سازش آه??. د??من سوچيل سمجهيل منصوبي تحت ملڪ ۾ انارڪي پيدا ڪرڻ چاهي ٿو، گذريل ڏينهن پنهنجي بيان ۾ گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي چيو ته سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن وقت سر ڪارروائي ڪري 12 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته بلوچستان ۾ امن جي قيام ??اء?? هر ممڪن قدم کنيا ويندا. دهشتگردن ۽ انهن جي سهولتڪارن کي لڪڻ جي جاءِ نه ملندي. گهرو وزير چيو ته بلوچستان حڪومت سان رابطي ۾ آهيون. امن جي فض?? برقرار رکڻ ??اء?? موثر قدم کنيا پيا وڃن. بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ هڪٻئي پٺيان دهشتگ??دي جي واقعن ۾ شهيدن جي وارثن سان غم ۾ برابر جو شريڪ آهيون، ڪو جيڪڏهن اهو سمجهي ٿو ته هن بزدلاڻين ڪارروائين سان قوم جي پختي عزم کي شڪست ڏئي سگهي ٿو ته اها ان جي ڀُل آهي. هن چيو ته دهشتگ??دي جي مڪمل خاتمي تائين جنگ جاري رهندي. بلوچستان ۾ امن امان جي صورتحال کي مستقل بنيادن تي مانيٽر ڪيو پيو وڃي.