ڪوئٽا-26 آگسٽ (اي پي پي) بلوچستان جي وزيراعليٰ مير سرفراز بگٽي موسيٰ خيل ويجهو د??شت??ردي واري واقعي جي مذمت ڪندي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. پنه??جي بيان ۾ بلوچستان جي وزيراعليٰ مير سرفراز احمد بگٽي موسيٰ خيل جي علائقي راڙاشم ۾ پيش آيل واقعي جي مذمت ڪندي قتل ٿيل ماڻهن جي خاندانن سان افسوس جو اظهار ڪيو. هن واقعي جي رپورٽ طلب ڪندي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. هن چيو ته موسيٰ خيل ويجهو د??شت??ردن معصوم ماڻهن کي نشانو بڻايو. د??شت??ردن ۽ انهن جي سهولتڪارن کي انجام تائين پهچائينداسين. بلوچستان حڪومت د??شت??ردن ۽ انهن جي سهولتڪارن جو پيڇو ڪندي. هن بلوچستان ۾ امن امان جي صورتحال تي هنگامي اجلاس طلب ڪري ورتو.