ڪراچي- 22 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽ?? جي چيئرمين ۽ اڳوڻي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو ز??داري پنجاب جي ضلعي اٽڪ ۾ اسڪول وين تي فائرنگ جي شديد مذمت ۽ ان جي نتيجي ۾ ٻن شاگردياڻين جي شهادت تي گهري ڏ?? ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. بلاول هائوس جي ميڊيا سيل مان جاري بيان موجب پ پ چيئرمين چيو ت?? معصوم جانين جي شهادت جي خبر ٻڌي دل رت ج?? ڳوڙها ڳاڙي رهي آهي، هن چيو ت?? شاگردن جي رت ۾ رڱيل هٿ وحشين جا آهن جن کي فوري گرفتار ڪيو وڃي. بلاول ڀٽو ز??داري شهيد شاگردن جي ڪٽنبن سان تعزيت ۽ يڪجهتي جو اظهار ڪندي چيو ت?? مون سميت پورو پاڪستان متاثر خاندانن سان گڏ آهي، الله تعاليٰ کين صبر عطا فرمائي.