اسلام آباد – 01 – آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان هڪ ڀيرو ٻيهر ڀارت تي زور ڏنو آهي ته هو پنهنجي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄم??ن ۽ ڪشمير ۾ 5 آگسٽ 2019ع کان جاري غيرقانوني ۽ هڪطرفي قدمن کي واپس وٺي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته ڀارت کي گهرجي ته هو سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن موجب والاريل ڄم??ن ۽ ڪشمير جي پرامن حل لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪرڻ جي لاءِ ضروري قدم کڻي. ترجمان چيو ته ايندڙ هفتي سومر ڏينهن ڄم??ن ۽ ڪشمير جي تاريخ جي هڪ ڪاري ڏينهن جا 5 سال مڪمل ٿي ويندا، ڀارت 5 آگسٽ 2019ع تي ڄم??ن ۽ ڪشمير جي ماڻهن کي انهن جي حقن کان محروم ڪرڻ جي لاءِ ??ارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄم??ن ۽ ڪشمير ۾ غيرقانوني ۽ هطرفي ڪا??رو??ئي ڪئي. هن چيو ته ڀارتي قابض فوج پاران اهي ڪا??رو??ي??ن ۽ ان جي نتيجي ۾ کنيل قدم ڪشميرين کي انهن جي پنهنجي سرزمين تي هڪ بي اختيار اقليت ۾ تبديل ڪرڻ ۽ عالمي قانونن ۽ ڄم??ن ۽ ڪشمير تڪرار بابت گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ڪيترين ئي قراردادن جي خلاف ورزي ڪندي ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄم??ن ۽ ڪشمير جي آبادياتي ڍانچي کي تبديل ڪرڻ جي ڪڌي منصوبي تحت آهن. ترجمان چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄم??ن ۽ ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ پنهنجي ڪشميرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخل??قي حمايت جاري رکندو.