اسلام آباد-01 آگسٽ (اي پي پي) سينيٽ چي??رمين سيد يوسف رضا گيلاني تهران ۾ فلسطيني اڳواڻ جي قتل جي مذمت ڪندي ا?? تي پوري فلسطيني قوم۽ مقتول اڳواڻ جي وارثن سان تعزيت جو اظهار ڪيو آه??. سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري ڪيل بيان مطابق هن چيو ته پاڪستان جو عوام دهشتگردي جو سڀ کان وڌيڪ متا??ر آهي ۽ ان جي ناڪاري اثرن کان چڱي ريت واقف آه??. سنيٽ چي??رمين چيو ته هاڻي وقت اچي ويو آه?? ته عالمي برادري ان واقعي جو سختي سان نوٽيس وٺي ته جيئن مستقبل ۾ ان قسم جون ڪارروايون نه ٿين ۽ اسان دهشتگردي جي خاتمي لاءِ تنظيمي ۽ رياستي سطح تي هڪ روڊ ميپ تيار ڪري سگهون.