اسلام آباد- 25 جولاءِ (اي پي پي)صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين چيو آهي ته فر??يلائيزر ڪمپنيون ملڪ جي هر ضلعي ۾ هارين جي سهولت ۽ زرعي ترقي لاءِ ماڊل سينٽرن جي شروع??ت ڪن. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت هيٺ ٿيل فر??يلائيزر رويو ڪميٽي جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. جاري ڪيل بيان موجب اجلاس جو مقصد ملڪ ۾ ڀاڻ جي اسٽاڪ جي دستيابي ۽ اگهن جو جائزو وٺ?? هو. وفاقي وزير راڻا تنوير حسين چيو ته هارين جي سهولت ۽ زرعي ترقي لاءِ ڀاڻ ڪمپنين طرفان هر ضلعي ۾ ماڊل سينٽر کوليا ويندا ۽ هاري اصل اگهه تي ڀاڻ خريد ڪري سگهندا. حڪومتي قدمن سان ايجنسين ۽ ڊيلرز جو خاتمو ٿيندو. هن چيو ته فوجي فر??يلائيزر ڪمپني گذريل ڪجهه هفتن دوران ماڊل سينٽر جو افتتاح ڪيو آهي. اينگرو فر??يلائيزر ڪمپني ترجيحي بنيادن تي ماڊل سينٽر جي قيام جون تج??يز??ن ڏي. هن وڌيڪ چيو ته ذخيرو ۽ اگهن ۾ ڦيرڦار ڪرڻ تي صوبائي ??ڪومت کي سخت قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي وئي ??هي.