اسلام آباد-04 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته يومِ شهداءِ پوليس، بهادر پوليس آفيسرن ۽ اهلڪار?? جي جرئت ۽ دليري کي ياد ڪرڻ جو ڏينهن آهي، پوليس اهلڪارن هميشه پنهنجي حياتين جو نذرانو ڏئي قوم جو مستقبل محفوظ ۽ روشن بڻايو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري هڪ بيان موجب وزيراعظم يومِ شهداءِ پوليس جي موقعي تي پوليس جي شهيد آفيسرن توڙي اهلڪارن کي خراج عقيدت پيش ڪندي، پنهنجي پيغام ۾ چيو ته ڏوه?? جي پاڙ پٽيندي پنهنجون حياتيون قربان ڪندڙ اهلڪارن جون قربانيون لازوال آهن، دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پوليس هميشه پهرين جٿي طور ??نهنجو ڪردار نڀايو آهي. هن چيو ته پوليس اهلڪارن هميشه پنهنجي حياتين جو نذرانو ڏئي قوم جو مستقبل محفوظ ۽ روشن بڻايو آهي. پوليس جا شهيد قوم جو فخر آهن ۽ سڄي قوم شهيد پوليس اهلڪارن کي سلام پيش ڪري ٿي. وزيراعظم چيو ته شهيد آفيسرن ۽ اهلڪار?? جي ڪٽنبن جو خيال رکڻ حڪومت جي ذميداري آهي. ان حوالي سان ڪا ڪوتاهي ٿيڻ نه ڏبي. هن چيو ته وفاقي حڪومت شهيد?? جي ٻارڙ?? جي تعليم ۽ صحت لاءِ هر ممڪن قدم کڻندي. شهيد?? جي ڪٽنبن جو هر طرح سان خيال رکيو ويندو. هن چيو ته مون پنجاب جي وڏي وزير طور ??ڻ پنهنجي دور ۾ پوليس جي شهيد?? جي ڪٽنبن لاءِ هڪ وڏو ۽ تاريخي پيڪيج ڏنو هو.