اسلام آباد – 13 جولاءِ (اي پي پي) سڌ سماءُ، قومي ورثي ۽ ثقافت بابت وفاقي وزير عطاالله تارڙ سينيئر صحافي عون ساهي ۽ نوخيز ساهي جي والده جي لاڏاڻي تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪ??و آهي. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ سڌ سماءُ واري وفاقي وزير ڪ??نب ڀاتين سان تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪ??دي چيو ته ماءُ اهڙي عظيم هستي آهي، جنهن جو ڪو نعم البدل ناهي. هن چيو ته مرحومه جي وفات ڏکويل ڪٽنب لاءِ پورو نه ٿيڻ جوڳ?? نقصان ۽ وڏو صدمو آهي، مرحومه جي لاڏاڻي سان پيدا ٿيل خال ڪڏهن به ڀرجي نه سگهندو. هن چيو ته عون ساهي ۽ سندس ڪٽنب ڀاتين جي ڏک ۾ برابر ج?? شريڪ آهيون. وفاقي وزير دعا ڪئي ته الله تع??لي?? مرحومه کي جنت ۾ جاءِ ڏي ۽ وارثن کي صبر عطا ڪري.