اسلام آباد – 11 – جولائي (اي پي پي) پاڪستان هڪ ڀيرو ٻيهر ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو آهي ته هو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪش??ير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ ڪش??يرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته 93 هون ”ڪشمير شهداءِ ڏهاڙو“ 13 جولاءِ تي ملهايو ويندو، اهو ڏينهن انهن 22 ڪش??يرين جي شهادت جي ياد ۾ ملهايو وڃي ٿو جن 1931ع ۾ سرينگر ۾ ڊوگره فورسز جي انڌاڌنڌ فائرنگ جي مقابلو ڪندي پنهنجون جانيون ق??با?? ڪيون. ترجمان چيو ته اسان انهن جي بهادري کي سلام پيش ڪريون ٿا جن ڪش??يري عوام جي حقن ۽ آزادي ۽ انهن جي خودمختياري جي حق لاءِ هڪ دليراڻي تح??يڪ کي جنم ڏنو، اها تح??يڪ اڄ تائين جاري آهي. ترجمان چيو ته ڊوگره فوج جي طرز تي ڀارتي فوج گذريل ڪجهه ڏهاڪن ۾ هزارين ڪش??يرين کي رڳو پنهنجي حقن جي مطالبي تي قتل ڪيو آهي، ناليواري ڪش??يري نوجوان اڳواڻ برهان مظفر واني انهن سوين ڪش??يري نوجوانن مان هڪ هو جيڪو ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪش??ير ۾ عدالت کان مٿانهون قتل جو شڪار ٿي چڪو آهي، ان جي اٺين ورسيءَ 8 جولاءِ تي ملهائي وئي. هن چيو ته ”ڪشمير شهداءِ ڏهاڙي“ جي هن هفتي ۾ اسان هڪ ڀيرو ٻيهر ڀارتي حڪومت کان مطالبو ڪريون ٿا ته اها ڪش??يري عوام جي خلاف عدالت کان مٿانهين قتل ۽ بي رحماڻي طاقت جي انڌاڌنڌ استعمال جي مهم بند ڪري.