شي – آن – 08 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اڄ چيني صدر ??ي جن پنگ جي اباڻي شهر شي – آن ۾ مصروف ڏينهن گذاريندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف يانگلنگ ايگريڪلچرل ٽيڪنالاجي ڊيمانسٽريشن بيس جو دورو ڪندو جتي وزيراعظم ۽ پاڪستاني وفد کي ايس سي او ماڊرن ايگريڪلچر سينٽر جو دورو ڪرايو ??يندو. وزيراعظم ۽ پاڪستاني وفد کي يانگلنگ ۾ جديد زراعت تي بريفنگ ۽ عملي مظاهري سان گ??وگ?? زراعت جي جديد فيڪٽري جو دورو پڻ ڪرايو ??يندو. وزيراعظم سان شانسي صوبي جي پارٽي سربراهه (سيڪريٽري) جائو ايدا جي ملاقات ٿيندي. وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستاني وفد سان گڏ چين جي تاريخي ورثي ٽ??را??وٽا واريئر ميوزيم جو دورو ڪندو جتي کيس تاريخي ورثي جي تحفظ ۽ بحالي ۽ سياحت جي فروغ جي حوالي سان بريفنگ ڏني ويندي.