اسلام آباد – 31 – مئي (اي پي پي) پاڪستان ۽ سينٽ لوشيا باضابطا طور تي سف??رتي لاڳاپا قائم ڪري ڇڏيا آهن. پرڏيهي آفيس جي ??رج??ان پريس بريفنگ ۾ چيو ته پاڪستان ۽ سينٽ لوشيا ??ي وچ ۾ سف??رتي لاڳاپا قائم ڪرڻ جي لاءِ نيويارڪ ۾ گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل مشن ۾ هڪ تقريب منعقد ڪئي وئي. سف??رتي لاڳاپن جي معاهدي تي گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي سفير منير اڪرم ۽ سينٽ لوشيا مان ان جي هم منصب سفير مينيسا رامبلي لاڳاپيل ملڪن پاران گڏيل پڌرنامي تي صحيحون ڪيون. ??رج??ان چيو ته گذريل ٽن سالن دوران پاڪستان پالائو، ڪريباتي، ڊومينيڪ ريپبلڪ، سينٽ ڪٽس اينڊ نيوس ۽ ڊومينيڪا دولت مشترڪه سان سف??رتي لاڳاپا قائم ڪيا آهن. هن چيو ته اهو فيصلو پاڪستان جي پنهنجي سف??رتي پهچ کي وڌائڻ ۽ سڄي دنيا جي ملڪن سان تعاون کي وڌائڻ جي پختي عزم جي عڪاسي ڪري ٿو.