ملتان – 23 – مئي (اي پي پي) وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني سان ملتان ۾ واپارين ۽ صنعتڪارن جي وفد ملاقات ڪئي. ان موقعي تي سيد يوسف رضا گيلاني جو چوڻ هو ته صدر آصف عل?? زرد??ري سدائين چين سميت دوست ملڪن کي راغب ڪيو ته اهي پاڪستان ۾ سيڙپڪ??ري ڪن. هن چيو ته سي پيڪ جهڙن گيم چينجرز منصوبن جي ش??وع ٿيڻ ۾ صدر آصف عل?? زرد??ري جون ڪوششون ساراهه ج??ڳي??ن آهن. وقتي صدر ملڪي معيشت ۾ واپارين جي ڪردار کي ساراهيندي انهن کي يقين ڏياريو ته ايندڙ وفاقي بجيٽ ۾ واپارين جي مسئلن کي نظرانداز نه ڪيو ويندو. وقتي صدر سان ملاقات ڪندڙ واپارين ۾ صدر چيمبر آف ڪامرس ملتان راشد اقبال، رومانه تنوير شيخ، انڊسٽريل اسٽيٽ بورڊ آف مئنيجمينٽ جي صدر آصف مجيد، چوڌري وحيد ارشد، خواجه جلال الدين رومي، خواجه يونس ۽ ٻيا شامل هئا. واپ??ري برادري سينيٽ چيئرمين جو عهدو سنڀالڻ ۽ قومي اسيمبلي جي تڪ 148 جي ضمني چونڊن ۾ عل?? قاسم گيلاني جي ڪاميابي تي يوسف رضا گيلاني کي مبارڪباد ڏني. ان موقعي تي ناليو??ري صنعتڪار ميان تنوير شيخ جي رهائشگاهه تي وقتي صدر جي اعزاز ۾ مانجهاندو پڻ ڏنو ويو. ان کان اڳ وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني ڪمرشل فلائيٽ پي ڪي ذريعي ملتان ايئرپورٽ پهتو ته ملتان سان تعلق رکندڙ قومي اسيمبلي ميمبرن عبدالقادر گيلاني، عل?? قاسم گيلاني، صوبائي اسيمبلي ميمبرن عل?? حيدر گيلاني، ڪامران مڙل ۽ راڻا اقبال سراج سميت ايڊيشنل چيف سيڪريٽري ڏکڻ پنجاب فواد هاشم رباني، ڪمشنر ملتان مريم خان، ڊپٽي ڪمشنر رضوان قدير ۽ ٻي مقامي انتظاميا استقبال ڪيو.