اسلام آباد – 22 – مئي (اي پي پي) صدر آصف عل?? زرداري ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو آهي ته پاڪستان سدائين تاريخ جي صحيح رخ تي بيهڻ جي رستي جي ??ونڊ ڪندي ”ون چائنا“ جي اصول ج?? پاسداري ڪري ٿو. چين ۽ پاڪستان جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپا قائم ٿيڻ جي 73 هين سالگرهه ??ي موقعي تي شايع ٿيل چيني ميڊيا کي ڏنل انٽرويو ۾ صدر چيو ته پاڪستاني عوام چين سان غيرمشروط محبت ڪري ٿي. واضح رهي ته مارچ ۾ ٻيو ڀيرو صدر چونڊجڻ کانپوءِ ڪنهن به غيرملڪي ميڊيا سان صدر زرداري جي اها پهرين ڳالهه ٻولهه هئي. ٻنهي ملڪن جي اڳوڻي اڳواڻن جي وچ ۾ ويجهي رابطي کي ياد ڪندي صدر آصف عل?? زرداري چيو ته منهن??ي مرحوم سُهر?? پاڪستان جي اڳوڻي وزيراعظم ذوالفقار عل?? ڀٽو قوم کي چيو هو ته اوڀر طرف ڏسو، چين طرف ڏسو. صدر آصف عل?? زرداري جنهن پاڪستاني صدر جي طور تي پنهنجي پهرين مدي دوران 9 ڀيرا چين جو دورو ڪيو هو، هن ”تائيوان جي آزادي“ جي ??نهن به شڪل کي رد ڪندي ون چائنا اصول تي سختي سان ڪاربند رهڻ ج?? پاڪستان ??ي موقف جو ورجاءُ ڪيو. هن چيو ته تائيوان چين جو حصو آهي. ان کانسواءِ ڪو رستو نه آهي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان سدائين چين سان گڏ بيٺل رهندو ۽ چين جي بنيادي مفادن جو تحفظ ڪندو. چين پاڪستان اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) جي شروعات، گوادر پورٽ جي ترقي تي تبصرو ڪندي آصف عل?? زرداري چيو ته 11 سال اڳ سي پيڪ جي شروعات کانپوءِ گوادر پورٽ تي تمام گهڻو ڪم ٿي چڪو آهي، اها بندرگاهه سڄي دنيا مان سيڙپڪارن کي سدائين ڀليڪار چوندي. هڪ سوال جي جواب ۾ صدر آصف عل?? زرداري چيو ته پاڪستان وڌيڪ اسڪولن جي ان ڳالهه تي حوصلا افزائي ڪري رهيو آهي ته هو چيني زبان کي پنهنجي لازمي نصاب ۾ شامل ڪن. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ عوامي سطح تي مٽاسٽا کي مضبوط بڻائڻ جي اهميت تي زور ڏيندي هن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ماڻهن جي ??رپر کي آسان بڻائڻ جي لاءِ وڌيڪ پاليسين تي زور ڏنو. چيني عوام جي ??اميابين کي ساراهيندي آصف عل?? زرداري چيو ته پاليسين جي تسلسل کي يقيني بڻائڻ چين جي ??اميابي جو هڪ اهم سبب آهي ۽ پاڪستان چين جي ترقي جي عمل ۾ وڌيڪ شامل ٿيڻ جي اميد ڪري ٿو.