اسلام آباد – 20 – مئي (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، ??وم?? ورثي ۽ ثقافت واري و??اقي ??زير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته حڪومت ڊيجيٽل ميڊيا اٿارٽي قائم ڪرڻ جي حوالي سان هڪطرفي قانونسازي جو ڪو ارادو نٿي رکي، ??ن معاملي تي سمورين صحافتي تنظيمن ۽ پريس ڪلبن کي اعتماد ۾ ورتو ويندو. اها ڳالهه هن نيشنل پريس ڪلب اسلام آباد جي و??د س??ن ملاقات دوران ڳالهائيندي چئي. اطلاعات واري و??اقي وزير چيو ته صحافين جي لاءِ هيلٿ انشورنس اسڪيم جلد شروع ڪئي و??ندي. هن چيو ته نيشنل پريس ڪلب جي مستقل بلڊنگ جي تعمير ۽ موجوده بلڊنگ جي بهتري جي لاءِ ضروري قدم کنيا ويندا، اين پي سي جي لاءِ سالياني گرانٽ جي فراهمي کي پڻ يقيني بڻايو ويندو. وفاقي ??زير چيو ته حڪومت نيشنل پريس ڪلب جي مسئلن کان چڱي ريت آگاهه آهي. هن چيو ته حڪومت پريس ڪلب کي مستقل گرانٽ جي فراهمي يقيني بڻائڻ جو ارادو رکي ٿي، ناڻي واري وزير س??ن ملاقات ڪري مالي بجيٽ ۾ پريس ڪلب جي لاءِ سالياني گرانٽ مخصوص ڪرائڻ جي معاملي تي ڳالهه ٻولهه ڪئي و??ندي. ??ن موقعي تي نيشنل پريس ڪلب جي صدر اظهر جتوئي چيو ته حڪومت پريس ڪلب جي مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪري، صحافين کي موجوده دور ۾ ڪيترائي چئلينجز درپيش آهن. نيشنل پريس ڪلب جي و??تي سيڪريٽري عون شيرازي چيو ته راولپنڊي اسلام آباد جي صحافتي ڪميونٽي جي لاءِ ميڊيا ٽائون فيز ٽو تمام ضروري آهي. هن چيو ته سرڪاري اشتهارن کي ورڪرز جي پگهارن س??ن مشروط ڪرڻ اهم قدم هوندو. وفد ۾صدر اظهر جتوئي، وقتي سيڪريٽري عون شيرازي، سيڪريٽري فنانس وقار عباسي ۽ گورننگ باڊي جا ميمبر شامل هئا. ??ن موقعي تي پرنسپل انفارميشن آفيسر مبشر حسن پڻ موجود هو.