اسلام آباد – 12 – مارچ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته رمضان المبارڪ اسان کي الله ت??اليٰ جي فرمانبرداري ۽ ان جي بندگي ۾ سرشار ٿي هڪ مثالي مسلمان بڻجڻ جو سنهري موقعو ڏي ٿو، هي ا??ت جي وچ ۾ همدرديءَ، ايثار، اخوت، ڀائيچاري ۽ تعاون جو پيغام پڻ کڻي اچي ٿو، رمضان المبارڪ جي مبارڪ موقعي تي سرنديءَ وارا ماڻهو وڌي چڙهي زڪوات، صدقا ۽ خيرات ادا ڪن. رمضان المبارڪ 1445هه / 2024ع شروع ٿيڻ تي قوم جي نالي پيغام ۾ صدر چيو ت?? آئون رمضان المبارڪ جي رحمتن ۽ مغ??رت?? سان ڀرپور مهينو شروع ٿيڻ تي پوري پاڪستاني قومي ۽ سڄي دنيا جي مسلمانن کي مبارڪباد ڏيان ٿو، رمضان المبارڪ اسان کي الله ت??اليٰ جي فرمانبرداري ۽ ان جي بندگيءَ ۾ سرشار ٿي هڪ مثالي مسلمان بڻجڻ جو سنهري موقعو فراهم ڪري ٿو، مسلمان هن مهيني ۾ الله جي حڪمن تي عمل ڪري پاڻ کي تقويٰ سان مزين ڪرڻ جي لاءِ عبادتن ۾ مصروف ٿي وڃن ٿا ۽ الله ت??اليٰ جي رحمت ۽ ڪرم سان گناهگارن کي مغفرت ملي ٿي. هن ??يو ت?? الله ت??اليٰ قرآن حڪيم ۾ فرمائي ٿو ت?? هن مسلمانن تي روزا ان جي لاءِ فرض ڪيا ته جيئن اهي پرهيزگار بڻجي سگهن، رسول الله ﷺفرمايو ت?? جيڪو شخص روزو رکي ڪوڙ ۽ بدعملي کان نٿو رڪجي، الله ت??اليٰ کي ان جي بک ۽ اُڃ جي ضرورت نه آهي، اهي ارشادات اسان کي ان ڳالهه جي ياد ڏيارين ٿا ته روزو الله ت??اليٰ جي حڪم تي بک ۽ اُڃ برداشت ڪرڻ سان گڏوگڏ سمورن گناهن ??ان بچڻ جو نالو پڻ آهي، غيبت، گارگند، مڪرو فريب، رشوت، وياج خوري، ذخيره اندوزي، ملاوٽ ۽ بدنظري جهڙن گناهن ??ان بچي ئي تقويٰ حاصل ڪرڻ ممڪن آهي. صدر چيو ت?? هي مبارڪ مهينو ا??ت جي وچ ۾ همدرديءَ، ايثار، اخوت، ڀائيچاري ۽ تعاون جو پيغام پڻ کڻي اچي ٿو، رمضان المبارڪ ۾ اسان جي اها تربيت به ٿئي ٿي ته اسان معاشري جي غريبن، مسڪينن، يتيمن، لاچار ۽ ڪمزور طبقن جو احساس ڪندي انهن جي مدد ڪريون، آئون رمضان المبارڪ جي مبارڪ موقعي تي سرنديءَ وارن ماڻهن ??ي درخواست ڪريان ٿو ت?? اهي وڌي چڙهي زڪوات، صدقا ۽ خيرات ادا ڪن، پنهنجي سگهه کان وڌيڪ غريبن، مسڪينن ۽ ضرورتمندن جي مالي مدد ڪن ۽ ان سلسلي کي سڄو سال جاري رکن. هن ??يو ت?? آئون هي مبارڪ مهينو شروع ٿيڻ تي عالمي دنيا ۽ مسلمان امت کي اپيل ڪريان ٿو ت?? اها مظلوم فلسطينين جي پڻ مدد ڪري ۽ غزه ۾ فوري جنگبندي ۽ معصوم فلسطينين جي نسل ڪشي روڪرائڻ جي لاءِ عملي قدم کڻي. هن دعا ڪئي ته الله ت??اليٰ اسان کي رمضان المبارڪ جي برڪتن ۽ فضيلتن مان فائدو کڻڻ جي توفيق عطا فرمائي ۽ ملڪ پاڪستان کي ترقي ۽ ڪاميابي عطا فرمائي.