اسلام آباد-10 مارچ (اي پي پي) آصف علي زرد??ري صدر مملڪت جي عهدي جو حلف کڻي ورتو. چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس قاضي فائز عيسيٰ کائنس حلف ورتو. حلف برد??ري جي پروقار تقريب ٽپهري جو ايوان صدر ۾ منعقد ٿي. وزيراعظم شهباز شريف، عهدو ڇڏيندڙ صدر مملڪت ڊاڪٽر عارف علوي، اڳوڻو نگران وزيراعظم انور الحق ڪاڪڙ، پنجاب جو گورنر بليغ الرحمان، ڪي پي ڪي جو گورنر حاجي غلام محمد، سنڌ جو گورنر ڪامران خان ٽيسوري، سنڌ جو وڏو وزير مراد علي شاهه، بلوچستان جو وڏو وزير سرفراز احمد بگٽي، چيئرمين جوائنٽ چيفس آف آسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد، آرمي چيف جنرل سيد ع??صم منير، پاڪ بحريه جي سربراهه ??يڊمرل نويد اشرف، پاڪ فضائيه جو سربراهه ??يئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سنڌو، نون چونڊيل اسيمبلي ميمبرن، پرڏيهي سفارتڪارن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي پاڪستان مسلم ليگ (ن) جو قائد محمد نواز شريف، سينيٽر اسحاق ڊار، پاڪستان پيپلزپارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، اڳوڻو اسپيڪر راجا پرويز اشرف، يوسف رضا گيلاني، پنجاب اسيمبلي جو اسپيڪر ملڪ احمد خان، شرجيل ميمڻ، ملڪ عامر فدا پراچا، نواب جمال خان رئيساڻي سميت ٻي سياسي قيادت موجود هئي. هتي اها ڳالهه ??ڪر جوڳي آهي ته صدر آصف علي زرد??ري 2008ع کان 2013ع تائين به صدر مملڪت جي عهدي تي رهي چڪو آهي.