اسلام آباد – 15 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪي ۽ معاشرتي ترقي جي لا??ِ ٻارڙين جي تعليم تي پڻ ڌيان ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان ۾ 2 ڪروڙ 60 لک کان وڌيڪ ٻار اسڪول کان ٻاهر آ??ن، پاڪستان جي سمورن ٻارن کي تعليم جي فراهمي جي لا??ِ نجي ۽ سرڪاري شعبي ۾ تعاون لا??مي آهي. هو محمد شفيق خان جي قيادت ۾ ريڊ فائونڊيشن جي وفد سان ملاقات دوران ڳالهائي رهيو هو. وفد صدر کي تعليمي ۽ فلاحي شعبي ۾ ريڊ فائونڊيشن جي خدمتن بابت ٻڌايو ته ريڊ فائونڊيشن سڄي ملڪ ۾ 400 کان وڌيڪ اسڪول ۽ ڪاليجز هلائي رهي آهي، فائونڊيشن معاشري ۾ معياري، قابل قدر ۽ بامقصد ت??ليم جي فروغ جي لا??ِ ڪم ڪري رهي آهي، فائونڊيشن جو مقصد معياري، گهٽ قيمت ۽ مفت تعليم تائين ??هچ وڌائڻ آهي، ريڊ فائونڊيشن يتيم ٻارن جي تعليم ۽ تربيت جي لا??ِ پڻ قدم کڻي رهي آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ملڪي انساني وسيلن جي ترقي ۾ تعليمي ادارن جو اهم ڪردار آهي، يتيم ٻارن جي تعليم ۽ خودمختياري ٺوس معاشري جي جوڙجڪ جي لا??ِ ضروري آهي. صدر تعليمي ۽ فلاحي شعبي ۾ ريڊ فائونڊيشن جي خدمتن کي ساراهيو.