اسلام آباد – 26 – جنوري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته اسان جو عزم آهي ته ملڪ ۾ هر ٻار پوليو کان محفوظ هجي، پاڪستان حڪومت روٽ??ي انٽرنيشنل جي پروگرامز ۾ هر ممڪن تعاون فراه?? ڪندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان روٽ??ي انٽرنيشنل جي صدر اسٽيفيني ارچڪ جي سربراهي ۾ وفد ملاقات ڪئي. وفد ۾ ٿومس اينٿوني گمپ، محمد فيض قدوائي، عبدالعزيز ميمڻ ۽ مسرور شيخ شامل هئا. وفد نگران وزيراعظم کي پاڪستان سمارٽ وليج پروگرام ۽ پوليو جي خاتمي جي حوالي سان روٽ??ي انٽرنيشنل جي ڪارڪردگي تي ??ري??نگ ڏني. نگران وزيراعظم اسٽيفيني ارچڪ کي روٽ??ي انٽرنيشنل جي پهرين عورت صدر جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. نگران وزيراعظم روٽ??ي انٽرنيشنل جي پاڪستان ۾ پوليو جي خاتمي، تعليم ۽ ٻين شعبن جي لاءِ خدمتن کي پڻ ساراهيو. هن چيو ته پاڪستان ۾ پوليو جي خاتمي جي لاءِ عالمي برادري ۽ ترقياتي ادارن جي ڪردار کي ساراهيون ٿا، اسان جو عزم آهي ته ملڪ ۾ هر ٻار پوليو کان محفوظ هجي. هن چيو ته پاڪستان حڪومت روٽ??ي انٽرنيشنل جي پروگرامز ۾ هر ممڪن تعاون فراه?? ڪندي، اميد آهي ته روٽ??ي انٽرنيشنل پاڪستان ۾ پنهنجي پروگرامز جي پهچ ۾ اضافو ڪندي. وفد نگران وزيراعظم کي ??ري??نگ ۾ ٻڌايو ته روٽري پاڪستان سمارٽ وليج پروگرام جدت ۽ ٽيڪنالاجي مان فائدو کڻندي زندگي جي معيار کي بهتر بڻائڻ ۾ مدد ڏيندو، غريب ترين طبقي جي لاءِ شروع ڪيل اهي سمارٽ ويليج زراعت کي فروغ ڏيڻ، قابل تجديد توانائي جي نظام مان فائدو کڻڻ، پاڻي جي نيڪالي جي انتظام کي بهتر بڻائڻ، پيئڻ جي پاڻي جي فراهمي ۽ موسمياتي تبديلين جي اثرن کي گهٽ ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا. نگران وزيراعظم کي ??ري??نگ ۾ ٻڌايو ويو ته روٽ??ي انٽرنيشنل پاڪستان ۾ 8 لک ڪتاب عطيو ڪري چڪو آهي جنهن مان 2 لک ڪتاب رڳو بلوچستان صوبي ۾ ورهايا ويا آهن. وفد نگران وزيراعظم کي 10 هزار وڌيڪ ??تابن جو تحفو پيش ڪيو جيڪي ملڪ جي مختلف علائقن ۾ ورهايا ويندا. ??ري??نگ ۾ ٻڌايو ويو ته پاڪستان جي ڏورانهن علائقن ۾ روٽ??ي انٽرنيشنل جون موبائيل لائبريريز ڪتاب پڙهڻ جي فروغ ۽ خواندگي وڌائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيون آهن. ملاقات ۾ قومي صحت وارو نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر نديم جان ۽ لاڳاپيل اع??يٰ سرڪاري آفيسر پڻ موجود هئا.