اسلام آباد – 25 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات?? نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته قائداعظم محمد علي جناح جي جدوجهد ا?? جي ساستدانن جي ل??ءِ مثال آهي، قائداعظم قانون جي حڪمراني تي يقين رکندو هو، قائداعظم قانونن جي اندر رهندي پنهنجي سياسي جدوجهد ڪئي، ڪنهن قانون ۾ تبديلي جو رستو رڳو پرامن سياسي جدوجهد ۾ موجود آهي، اسان کي ملڪ جي اصل مسئلن طرف ڌيان ڏيڻ گهرجي، آئين ۾ لکيل آهي ته هي ملڪ ان جا چونڊيل نمائندا هلائيندا، جيترو جلد اسان ان طرف وينداسين اهو سڀني جي ل??ءِ بهتر هوندو. ”اي آر وائي“ نيوز چين?? جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته قائداعظم محمد علي جناح قانون جي حڪمراني تي يقين رکندو هو، ان وقت انگريز دور ۾ نئون آبادياتي قانون هو، قائداعظم ان دور جي قانونن جي اندر رهندي پنهنجي سياسي جدوجهد ڪئي، قائداعظم جي جدوجهد ا?? جي سياستدانن جي ل??ءِ هڪ مثال آهي. هن چيو ته ڪنهن قانون تي اختلاف ته ٿي سگهي ٿو پر ان ۾ تبديلي جو رستو رڳو پرامن سياسي جدوجهد ۾ موجود آهي. هڪ سوا?? جي جواب ۾ هن چيو ته اميدوارن کان نامزدگي ڪاغذ کسڻ جي واقعن جو اليڪشن ڪميشن نوٽيس ورتو آهي. هڪ ٻئي سوال تي هن چيو ته وزيراعظم آفيس ۽ سيڪريٽري اسٽيبلشمينٽ جي وچ ۾ انٽرنل ڪميونيڪشن معمول جو ح??و آهي، جيڪڏهن ڪنهن کي عهدي تان هٽائڻو هجي ته ان جي ل??ءِ قانوني پراسيس موجود آهي. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن بااختيار ادارو آهي، جيڪڏهن ڪٿي بي ضابطگي ٿي ته اليڪشن ڪميشن ايڪشن کڻي سگهي ٿي. هن چيو ته اسان کي پنهنجي ادارن تي اعتماد ڪرڻ گهرجي، اسان کي ملڪ جي اصل مسئلن طرف ڌيان ڏيڻ گهرجي، اسان جو ملڪ هڪ آهي، ملڪ جي بهتري جي ل??ءِ اسان سڀني کي گڏجي پنهنجو ح??و وجهڻ گهرجي. هن چيو ته اسان جي آئين ۾ لکيل آهي ته هي ملڪ ان جا چونڊيل نمائندا هلائيندا، جيترو جلد اسان ان طرف وينداسين اهو سڀني جي ل??ءِ بهتر هوندو.