جده- 06 نومبر (اي پي پي) اسلامي سهڪار تنظيم (او آءِ سي) اسرائيلي وزير اميچائي الياهو طرفان غزه جي پت?? تي ايٽمي بم ڪرائڻ جي ڌمڪي کي انتهاپسندي، نفرت انگي??ي، تشدد ۽ منظم دهشتگرد?? تي اڪسائڻ جي متراف قرار ڏنو آهي. اسلامي سهڪار تنظيم طرفان جده مان جاري ڪيل ب??ان ۾ چيو ويو آهي ته فلسطيني عوام خلاف روزانو جي بنياد تي اسرائيلي نسل ڪشي عالمي قانون، معاهدن ۽ قراردادن جي خلاف ورزي آهي. ب??ان ۾ اسرائيل جي نسل پرستاڻي بيانن جي مذمت ڪندي چيو ويو ته او آءِ سي ان ب??ان کي دهشتگرد نسل پرستاڻي نظريي جي توسيع جي طور تي ڏسي ٿو. ب??ان ۾ عالمي برادري سا?? فلسطيني عوام جي خلاف اسرائيلي جارحيت، روزانو قتل عام ۽ نسل ڪشي جي مذمت ڪرڻ ۽ روڪڻ لاءِ موثر قدم کڻڻ جو مطالبو ڪيو ويو.