اسلام آباد – 16 – نومبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي ته پاڪستان عرب اسلامي غيرمعمولي سربراهي اجلاس جي گڏيل پڌرنامي جي آجيان ڪري ٿو جنهن ۾ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل تي زور ڏنو ويو آهي ته اها اسرائيل جي خلاف گڏيل قومن جي قراردادن کي لاڳو ڪري. پريس بريفنگ ۾ هن چيو ته پڌرنامي ۾ قابض فوج کي هٿيارن جي برآمد بند ڪرڻ جو مطالبو ۽ عالمي فوجداري ??دالت کان اسرائيلي ڏوهن جي جاچ جو مطالبو ڪيو ويو آهي. ترجمان چيو ته نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ 11 نومبر تي رياض ۾ منعقد گڏيل عرب اسلامي غيرمعمولي سربراهي اجلاس ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت ڪئي، اهو سربراهي اجلاس والاريل فلسطين ۾ غيرانساني اسرائيلي جارحيت ۽ سنگين انساني صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گهراوي ويو هو. هن چيو ته نگران وزيراعظم فلسطيني عوام ۽ انهن جي خودمختياري جي حق لاءِ پاڪستان جي اڻٿڪ يڪجهتي جو ورجا??ُ ڪيو ۽ جون 1067ع ک??ن اڳ جي سرحدن تي ٻڌل هڪ محفوظ ۽ خودمختيار فلسطيني رياست قائم ڪرڻ جي اهم ضرورت تي پڻ زور ڏنو جنهن جو گادي وارو شهر القدس الشريف هجي. ترجمان چيو ته پاڪستان قابض فوج پاران عالمي قانونن جي مڪمل خلاف ورزي ڪ??دي اسپتال کي نشانو بڻائڻ ۽ غزه جي اسپتالن جي خلاف اسرائيل جي جنگ جي پڻ مذمت ڪري ٿو. هن چيو ته اسان الشفاءَ اسپتال ۾ اسرائيلي دراندازي، مريضن، طبي عملي ۽ شهرين کي خطري ۾ وجهڻ سان حيران آهيون، عالمي برادري ??سرائيل کي اسپتالن تي حملن جي لاءِ جوابده قرار ڏي. هن چيو ته اسرائيل کي ڄاڻي واڻي طور تي مسجدن، گرجا گهرن ۽ اسڪولن کي نشانو بڻائڻ جي لاءِ پڻ جوابده هجڻ گهرجي جيڪي شهرين کي پناهه ڏين ٿا جيڪي اسرائيل پاران پنهنجي گهرن جي تباهي جي ڪري ??ي گهر ٿي چڪا آهن. ترجمان چيو ته شهرين جي بنيادي ڍانچي ۽ خودمختياري جي علامتن کي تباهه ڪري ??سرائيل ڄاڻي واڻي غزه کي پنهنجي شهري ??بادي جي لاءِ رهائش جوڳو بڻائي رهيو آهي، اسرائيل جي حامين کي اسرائيل کي فلسطيني عوام جي نسل ڪشي جي پنهنجي منصوبن تي عملدرآمد کان روڪڻ گهرجي. ترجمان وڌيڪ چيو ته جيئن ته گڏيل عرب اسلامي سربراهي اجلاس ۾ مطالبو ڪيو ويو آهي ته سمورن ملڪن کي قابض عملدارن کي هٿيارن ۽ گولي بارود جي برآمدات کي روڪڻ گهرجي جيڪي ان جي فوج ۽ اتي رهندڙ فلسطينين کي قتل ڪرڻ ۽ انهن جي گهرن، ملڪيتن ۽ شهري ??نفراسٽرڪچر کي تباهه ڪرڻ جي لاءِ استعمال ڪن ٿا. هن هڪ ڀيرو ٻيهر عالمي برادري ??ي زور ڏنو ته اها اسرائيلي قابض فوج جي جاري ??ارحيت کي روڪڻ جي لاءِ گڏيل ۽ بامعنيٰ طور تي ڪ?? ڪري ۽ والاريل فلسطين ۾ ٿيندڙ جنگي ڏوهن جي لاءِ اسرائيل کي جوابده قرار ڏي.