اسلام آباد – 02 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي سان گهرو معاملن واري نگران وفاقي وزير سرفراز بگٽي ملاقات ڪئي. ملاقات ۾امن امان جي صورتحال سميت ??ڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اطلاعات واري وزارت اچڻ تي اطلاعات واري نگران وفاقي وزير گهرو معاملن واري نگران وفاقي وزير سرفراز بگٽي جي آجيان ڪ??ي. ٻنهي نگران وزيرن تازن بم ڌماڪن ۾ قيمتي جانين جي نقصان تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته دهشتگردن ۽ انهن جي سهولتڪارن جي ل??ءِ پاڪستان ۾ ڪابه جڳهه نه آهي. ملاقات ۾ چونڊن جي حوالي سان نگران حڪومت جي اليڪشن ڪميشن سان م??د بابت پڻ خيالن جي ڏي وٺ ٿي. نگران وفاقي وزيرن چيو ته ملڪ ۾ عام چونڊون منعقد ڪرائڻ جي آئيني ذميواري ۾ اليڪشن ڪميشن جي هر ممڪن مدد ڪنداسين. ان موقعي تي اطلاعات واري نگران وفاقي وزير چيو ته امن امان قائم ڪرڻ حڪومت جي ذميواري آهي، اسان جو فرض ملڪ ۾ صاف، شفاف ۽ غيرجانبدراڻيون چونڊون ڪ??ائڻ ۾ اليڪشن ڪميشن جي مدد ڪرڻ آهي.