اسلام آباد – 04 – آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ ناروي جي وچ ۾ ٻطرفي سي??سي مشاورت جو 12 هون دور اسلام آباد ۾ ??يو. پرڏيهي آفيس موجب پاڪستاني وفد جي قيادت ايڊيشنل سيڪريٽري (يورپ) محمد سليم ڪئي جڏهن ته ناروي جي وفد جي قيادت پرڏيهي وزارت جي علائقائي معاملن واري شعبي جي ڊائريڪٽر جنرل ويجبورن ڊيسوِڪ ڪئي. ٻنهي طرفن 2021ع ۾ منعقد آخري ٻطرفي سي??سي مشاورت کانپوءِ ٿيندڙ اڳڀرائي جو جائزو ورتو ۽ سيڙپڪاري، جهاز راني، موسمياتي تبديلي، قابل تجديد توانائي ۽ اعليٰ تعليم سميت ٻين شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ناروي پاڪستان جو هڪ اهم سيڙپڪاري پارٽنر آهي. ناروي جي وفد کي پاڪستان حڪومت پاران تازو ئي قائم ??يل خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل بابت پڻ بريفنگ ڏن?? وئي ۽ ان کي ڪائونسل سان پيدا ٿيندڙ سيڙپڪاري جا امڪان ڳولڻ جي دعوت ڏن?? وئي.