اسلام آباد – 07 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت اليڪٽرانڪ، پرنٽ، ڊيجيٽل ميڊيا کي جاري اشتهارن جي مد ۾ ادائيگين جا تفصيل جاري ڪري ڇڏيا آهن. اطلاعات واري وزارت جولاءِ 2021ع کان جون 2022ع تائين 2 ا??ب 47 ڪروڙ 50 لک 53 هزار 713 رپيا، جولاءِ 2022ع کان جون 2023?? تائين اشتهارن جي مد ۾ 2 ا??ب 93 ڪروڙ رپين جون ادائيگيون ڪيون جڏهن ته جولاءِ 2022ع کان جون 2023?? تائين وفاقي وزارتن ۽ کاتن پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا کي 98 ڪروڙ 73 لک 18 هزار 74 رپين جون ادائيگيون ڪيون. اطلاعات واري وزارت پاران جاري بيان موجب آبا??گا?? پئڪيج، يوٿ پروگرام، بي آءِ ايس پي، قومي ڏينهن ۽ غيرملڪي دورن بابت ميڊيا مهمون پڻ هلايون وڃن ٿيون. اطلاعات واري وزارت پاران ڪلاسيفائيڊ ۽ انهن ڪلاسيفائيڊ (ڊسپلي) ڪيٽيگريز ۾ اشتهار جاري ڪيا وڃن ٿا. اطلاعات واري وزارت چيو ته پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ 437 وفاقي کاتن ۽ ادارن جي اشتهارن جي بلن جي ادائيگي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري ٿو. بيان ۾ چيو ويو ته جولاءِ 2021ع کان جون 2022ع تائين پي ٽي آءِ حڪومت جي جاري ڪيل اشتهارن جي مد ۾ پي ڊي ايم حڪومت جي دور ۾ 2 ا??ب 47 ڪروڙ 50 لک 713 رپين جون ادائيگيون ٿيون جڏهن ته جولاءِ 2022ع کان جون 2023?? تائين اطلاعات واري وزارت جاري ڪيل اشتهارن جي مد ۾ 2 ا??ب 93 ڪروڙ رپين جون ادائيگيون ڪيون. اهڙي طرح جولاءِ 2022ع کان جون 2023?? تائين پي ڊي ايم حڪومت جي دور ۾ وفاقي وزارتن ۽ کاتن پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا کي 98 ڪروڙ 73 لک 18 هزار 74 رپيا اشتهارن جي مد ۾ ادا ڪيا. بيان ۾ چيو ويو ته پرنٽ، اليڪٽرانڪ، ڊيجيٽل ميڊيا، آئوٽ ڊور ميڊيا پاران پي ڊي ايم حڪومت جي دور ۾ اطلاعات واري وزارت کي 2 ا??ب 74 ڪروڙ 11 لک 4 هزار 91 رپين جا بل مليا، اهي بل جولاءِ 2021ع کان جون 2022ع تائين جاري ڪيل اشتهارن جي مد ۾ مليا جڏهن ته انهن بلن جي مد ۾ 2 ا??ب 47 ڪروڙ 50 لک 713 رپين جون ادائيگيون ڪيون ويون. اهڙي طرح جولاءِ 2022ع کان جون 2023?? تائين اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت کي اشتهارن جي مد ۾ 3 ارب 97 ڪروڙ 25 لک 55 هزار 654 رپين جا بل مليا، انهن بلن تحت 2 ا??ب 93 ڪروڙ رپين جون ادائيگيون ٿيون جڏهن ته جولاءِ 2022ع کان جون 2023?? تائين ٻين وفاقي وزارتن/ کاتن ۽ ادارن جي اشتهاري مهم جي لاءِ 1 ارب 86 ڪروڙ 21 لک 46 هزار 890 رپين جا بل مليا ۽ 98 ڪروڙ 73 لک 18 هزار 74 رپين جون ادائيگيون ڪيون ويون. اطلاعات واري وزارت چيو ته اهي سمورا انگ اکر پبلڪ ڊومين ۾ موجود آهن.