ڪراچي – 23 – آگسٽ (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته مل??ي ترقي جي لاءِ متحد ٿي گڏيل ڪوششون ڪرڻيون پونديون، معاشي ترقي ۾ واپ??ري?? جو اهم ڪردار آهي، واپ??ري?? جي مسئلن جي حل لاءِ هر ممڪن قدم کڻنداسين، منصفاڻي ۽ شفاف چونڊن جي لاءِ پرعزم آهيون. اهڙن خيالن جو اظهار نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ڪراچي ۾ ناليواري ڪ??رو??اري شخصيتن کي خطاب ڪندي ڪيو. نگران وزيراعظم چيو ته الله تعاليٰ انسان کي وقت جهڙي نعمت سان نوازيو آهي، هڪ ٻئي جي لاءِ وقت ڪڍڻ سڀ کان قيمتي آهي، واپاري برادري معاشي ترقي ۾ ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿي انهن جي ڪري روزگار هلي رهيو آهي. هن چيو ته واپاري برادري رزق حلال ڪمائي ٿي، واپاري ڪمائين ٿا، ٽيڪس ڏين ٿا، اهو ٽيڪس محروم طبقن جي ڀلائي تي خرچ ڪيو وڃي ٿو. نگران وزيراعظم چيو ته اها سماجي خدمت آهي جيڪو حڪومت جو به مقصد ۽ نصب العين آهي، بجلي ۽ گئس جا مسئلا يقينن آهن ۽ انهن کي پنهنجي وسيلن موجب حل ڪنداسين. انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته اسان جو مينڊيٽ تمام محدود آهي، اسان کي چونڊون منعقد ڪرڻ ۾ مدد فراهم ڪرڻي آهي ۽ روزاني جا معاملا هلائڻا آهن، قومي ۽ عالمي معاهدن جي پاسداري ڪرڻي آهي، آئيني ۽ قانوني معاملن جو تسلسل قائم رکندي نئين جمهوري حڪومت قائم ٿيڻ تائين پنهنجون ذميو??ري??ن نڀائينداسين ته جيئن نظام ۾ ڪا رڪاوٽ پيدا نه ٿئي ۽ اقتدار جي منتقلي جو مرحلو خوش اسلوبي سان مڪمل ٿئي. هن چيو ته دنيا ۾ پرامن اقتدار جي منتقلي جو اصول طئي آهي ۽ اسان سڀ ان تي عمل پيرا آهيون، ڪراچي ۽ هتان جي واپاري برادري مل?? جي شان آهي، ڪراچي جي واپاري برادري جو مل??ي معيشت ۾ اهم ڪردار آهي، اسان کي سماجي خدمتن ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، ٽيڪس چوري بابت اڌ سچ سامهون اچي ٿو ته ٽيڪس جي صحيح ورڇ نه ٿي ٿئي، مل?? ۾ هر شعبي سان تعلق رکندڙ ماڻهو تعميرات تي ڌيان ڏنو آهي، مل??ي سطح تي پيدا ٿ??ند?? گئس صنعتن ۾ استعمال ڪري معيشت مستحڪم نه ٿي ڪري سگهجي، خوراڪ ۽ خدمتن جي شعبن ۾ چئلينجز درپيش آهن. انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته آئن يقين ڏياريان ٿو ته اسان گڏجي مثبت تبديلي آڻينداسين، اسان کي هڪ ٻئي کي ٻڌڻو پوندو، مل?? جي مجموعي معاشي ترقي جو سفر متحد ٿي پڄاڻي تائين پهچائي سگهجي ٿو، پاڪستان خاص طور تي بلوچستان قدرتي نعمتن سان مالامال آهي، مل?? کي خوراڪ جي کوٽ درپيش ۽ ماڻهو مايوسي جو شڪار آهن، سوال اهو آهي ته اسان هر شيءَ کي منفي انداز ۾ ڇو ٿا وٺون. هن چيو ته معاشري ۾ واپ??ري?? ۽ ڪ??رو??اري ماڻهن جو اهم مقام آهي، پاڪستان واپ??ري?? جي عالمي منڊيءَ ۾ ساک ۽ وقار هجڻ گهرجي، واپ??ري?? کي متحد ٿي پاڪستاني برينڊ ٺاهڻ گهرجي، واپ??ري?? کي هر ممڪن تعاون فراهم ڪرڻ جي لاءِ تيار آهيون، ٻاهرئين مل?? مان ا??ند?? پرڏيهي ناڻي جو مل??ي ترقي ۾ اهم ڪردار آهي. نگران وزيراعظم چيو ته سيلاني فائونڊيشن بهترين خدمتون سرانجام ڏئي رهي اهي، اسان کي نعرن بدران عملي قدم کڻڻ جي ضرورت آهي، اسان سڀني کي پنهنجي ڪوتاهين جو جائزو وٺڻ گهرجي، اسان مسئلن جي حل لاءِ قابل عمل حڪمت عملي جوڙڻ چاهيون ٿا. ان موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات وارو نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي ۽ ڪابينا جي ٻين ميمبرن کانسواءِ سنڌ جو گورنر ڪامران ٽيسوري پڻ موجود هو.