ڪراچي-06 آگسٽ (اي پي پي) سڌسماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب ??يو آهي ته پاڪستان جو عوام تعمير، تخريب ۽ سازش ۾ فرق ڄاڻي ٿو، مهانگائي جو پيٽرول بم پي ٽي آءِ ڪيرائي وئي، پيٽرول بم ڦاڙي پوليس وارن جا مٿا به انهن ڦاڙيا، اها ئي ان جي چئن سالن جي ڪارڪردگي آهي، گذريل چار سال صحافين ۽ اظهار راءِ جي آزادي تي پابندي لڳيون، پريس ڪلب واحد جڳهه هئي جنهن آزادي سان اسان کي پنهنجي ڳالهه ٻين تائين پهچائڻ جو موقعو ڏنو، پيمرا آرڊيننس 2002ع ڊڪٽيٽر جو تيار ڪيل ڪارو قانون آهي، 12 مهينن جي ڊگهي مشاورت کانپوءِ پيمرا ترميمي بل 2023ع تيار ڪيو، هي ميڊيل جو بل آهي، جيستائين ان تي هڪ اعتراض به آهي ۽ اهو ختم نه ٿي وڃي قانونسازي نه ٿيندي، ڊجيٽل آدمشماري جي گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ اتفاق راءِ سان منظور ڏني وئي، پوري دنيا ۾ سڌي ريت پرڏيهي سيڙپڪاري لاءِ نظام موجود آهي، ايس آءِ ايف سي جو مقصد سڌي ريت پرڏيهي سيڙپڪاري لاءِ ون ونڊو رسائي فراهم ڪرڻ آهي، نگ??ان وزيراعظم جي مقرري وزيراعظم ۽ مخالف ڌر اڳواڻ جي آئيني ذميواري آهي ان تي مشاورت جاري آهي، ريل حادثي تي افسوس آهي، واقعي واري هنڌ امدادي سرگرميون جاري آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪراچي پريس ڪلب جي دوري جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو، اطلاعات واري وفاقي وزير ??يو ته ڪراچي پريس ڪلب جي اهميت کان سڀ واقف آهن، گذريل چار سال جڏهن صحافين ۽ اظهار راءِ جي آزادي تي بندش هئي ته پريس ڪلب واحد جاءِ هئي جتي هڪ فون تي پريس ڪانفرنس جو انتظام ٿي ويندو هو، پريس ڪلب هميشه اسان کي آزادي سان پنهنجي ڳالهه ٻين تائين پهچائڻ جو موقعو ڏنو، وفاقي وزير ??يو ته نواب شاهه ويجهو ريل کي حادثو پيش آيو پوري قوم ان حادثي تي ڏکويل آهي، حادثي ۾ فوت ٿيلن جي وارثن لاءِ صبر لاءِ دعاڳو آهيون، هن ??يو ته ??يلوي واري وفاقي وزير حادثي جي باري ۾ تفصيلي پريس ڪانفرنس ڪئي آهي، واقعي واري هنڌ تي رليف آپريشن جاري آهي، سمورن ادارن کي رليف آپريشن جي هدايت ڪئي آهي، هن ??يو ته ??ادثي جي جاچ به شروع ڪري ڇڏي آهي،ريلوي واري وزير ??يو ته هن حادثي جي جاچ پبلڪ ڪئي ويندي، صحافين جي سوالن جي جواب تي مريم اورنگزيب ??يو ته گذريل چئن سالن واري دور ۾ عالمي صحافتي تنظيم اڳوڻي وزيراعظم کي ميڊيا پريڊيٽر جو خطاب ڏنو، ان اداري اسان جي موجوده دور ۾ پاڪستان ۾ اظهار راءِ جي درجا بندي ۾ 7 پوائنٽس جي بهتري ظاهر ڪئي، هن ??يو ته ??ڳوڻي حڪومت اظهار راءِ جي آزادي جو گلو گهٽي، صحافين ۽ سياسي مخالفن جي آواز کي بند ڪيو، هڪ سوال تي هن ??يو ته پيمرا آرڊيننس 2002ع هڪ ڊڪٽيٽر جو تيار ڪيل قانون آهي، پيمرا ترمييم بل 2023ع جي تياري لاءِ 12 مهينن جي ڊگهي مشاورت جو سلسلو جاري رهيو، مون هميشه تنقيد کي وڏي دل سان قبول ڪيو آهي، هن ??يو ته 12 مهينن جي مشاورت کانپوءِ تيار ٿيل پيمرا ترميمي بل هن وقت سينيٽ جي سڌ سماءَ واري اسٽينڊنگ ڪميٽي ۾ بحث هيٺ آهي، وفاقي وزير??يو ته هي ميڊيا جو بل آهي، جيستائين ان تي اعتراض ختم نٿا ٿين ان تي قانونسازي نه ٿيندي، آدمشماري جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ هن ??يو ته گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو اجلاس گذريل ڏينهن وزيراعظم جي صدارت هيٺ منقعد ٿيو، هن ??يو ته گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ ڊجيٽل آدمشماري جي اتفاق راءِ سان منظوري ڏني وئي، هڪ سوال جي جواب ۾ وفاقي وزير ??يو ته ??سان وٽ 2 آپشنز آهن، هڪ آپشن هي آهي ته ڪستو کڻي قرض گهرندا رهون ٻيو آپشن پوري دنيا وانگر سيڙپڪاري کي راغب ڪرڻ آهي، هن ??يو ته مقامي سطح تي سيڙپڪاري ۾ ڪا به منع نه آهي، هن ??يو ته پوري دنيا ۾ سڌي ريت سيڙپڪاري لاءِ نظام موجود آهي، وزيراعظم ايس آءِ ايف سي تحت سمورن ادارن کي گڏ ڪيو آهي، هي پروپيگنڊا آهي ته ??يس آءِ ايف سي تحت زمينون حوالي ڪيون پيون وڃن، هن ??يو ته ??يس آءِ ايف سي بابت پنج سيڪٽرن اندر سيڙپڪاري جي عمل کي ڊجيٽل پورٽل تي وڌو پيو وڃي، هي جنرل پبلڪ پورٽل هوندو، ان ذريعي سمورا خدشا ختم ٿي ويندا. هن ??يو ته ??مورا صوبا ۽ وزارتون ايس آءِ ايف سي اندر موجود آهن، هي ڪا اهڙي شيءَ ن??هي جيڪا ڪنهن حوالي ڪئي وئي آهي، هي پوري پراسيس ۽ پلاننگ سان قائم ڪئي وئي آهي ته ??يئن سيڙپڪارن کي ون ونڊو رسائي فراهم ڪري سگهجي، هن ??يو ته ??يڪڏهن وسيلا صحيح استعمال ٿين ته ??ي پناهه فائدو حاصل ڪري سگهجي ٿو. وفاقي وزير ??يو ته قطر، سعودي عرب، يو اي اي، ايران، عراق، اولهندي ملڪن ۾ اهو ئي طريقيڪار استعمال ڪيو پيو وڃي، هن ??يو ته ??يس آءِ ايف سي جو مقصد سڌي ريت سيڙپڪاري لاءِ ون ونڊو رسائي فراهم ڪرڻ آهي، وفاقي وزير ٻڌايو ته ??يس آءِ ايف سي تحت موثر ون ونڊو جو تصور ڏئي پنج سيڪٽرز اندر انويسمينٽ جو بندوبست ڪيو پيو وڃي، اهو ئي طريقو آهي جنهن ذريعي قرضن جي ڀاڙڻ گهٽ ٿيندو، معاشي استحڪام ايندو ۽ اسان پنهنجو ڪنڌ مٿي کڻي پنهنجي مرضي موجب پاڪستان جي عوام کي رليف ڏئي سگهنداسين، نگ??ان وزيراعظم جي مقرري جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ وفاقي وزير ??يو ته نگ??ان وزيراعظم جي مقرري وزيراعظم پاڪستان ۽ مخالف ڌر اڳواڻ جي آئيني ذميواري آهي، ان حوالي سان مشاورت جاري آهي، انشاءُ الله جيڪو به فيصلو ٿيندو پاڪستان جي عوام جي سامهون اعلان هوندو، هن ??يو ته ??دمشماري ڪرائڻ قومي فرض هو، سمورا صوبا ان تي متفق هئا ۽ ان جو اعلان ڪرڻ چ??هي ٿي، گذريل ڏينهن سمورن صوبن وزيراعظم جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ ڊجيٽل آدمشماري جي متفقه منظوري ڏني، هن ??يو ته 9 آگسٽ تي اسان جي حڪومت پنهنجو آئيني مدو پورو ڪندي، اسيمبليون ختم ٿيڻ جي سمري صدر ڏانهن اماڻي ويندي، ان موجب ٽن مهينن ۾ چونڊون ٿيڻيون آهن، چونڊون ڪرائڻ اليڪشن ڪميشن جي ذميواري آهي، ان پنهنجي تياري شروع ڪري ڇڏي آهي، هن ??يو ته ملڪ ۾ جمهوريت جو تسلسل ضروري آهي، نواز شريف جي حُوالي سان سوال تي هن ??يو ته هي اهو نالو آهي جنهن پاڪستان جي دفاع کي اڻمٽ بڻايو، ملڪ اندر موٽرويز ۽ روڊن جو ڄار وڇايو، 14 هزار ميگاواٽ بجلي پيدا ڪئي، سي پيڪ جا منصوبا آندا، دهشتگردي جو خاتمو ڪيو، نواز شريف سدائين ملڪ جي خ??مت ڪئي آهي، جمهوريت کي هٿي ڏني آهي، هن ??يو ته پاڪستان جي عوام تعمير، تخريب ۽ سازش ۾ فرق ڄاڻي ٿو، هن ??يو ته محمد نواز شريف جي اڳواڻي ۾ پاڪستان مسلم ليگ (ن) ايندڙ چونڊن ۾ پاڪستان جي عوام وٽ ويندي، گوادر بندرگاهه جي حوالي سان سوال تي سڌ سماءُ واري وفاقي وزير ??يو ته گوادر پاڪستان جو جهومر آهي، پاڪستان جو معاشي دارومدار بندرگاهن تي آهي، محمد نواز شريف 2014ع ۾ چين پاڪستان اقتصادي راهداري جي شروعات ڪئي، شروعات گوادر کان ڪئي، گذريل چئن سالن ۾ سي پيڪ جي منصوبن کي منجمند ڪيو ويو ۽ تڪراري بڻايو ويو، اسان اقتدار ۾ اچي 15 مهينن ۾ انهن منصوبن کي ٻيهر شروع ڪيو. هن ??يو ته ??نشاءُ الله ترقي جا منصوبا اهڙي طرح جاري رهندا. پاڪستان جي عوام اسان تي اعتماد ڪيو ته ??رقي جو سفر اتان کان ٻيهر شروع ڪنداسين، وفاقي وزير هڪ سوال جي جواب ۾ ??يو ته ??مان پارڪ ۾ پهريون ڀيرو پيٽرول بم جو نالو ٻڌو، پيٽرول بم زمان پارڪ ۾ ٺهيا، پوليس وارن جا مٿا ڦاڙيا ويا، رينجرز جي گاڏين کي باهيون ڏنيون ويون، هن ??يو ته 9 مئي تي حساس ٺڪاڻن، اسپتالن، اسڪولن ۽ شهيدن جي يادگارن تي حملا ڪيا ويا. هن ??يو ته ??نهن واقعن جو ماسٽر مائينڊ عمران خان هو، هن ??يو ته ??مران خان مارچ 2022ع ۾ پنهنجي صحيح سان آءِ ايم ايف جي پروگرام جي خلاف ورزي ڪئي، هن ??يو ته نواز شريف پنهنجي دور ۾ آءِ ايم ايف جو پروگرام مڪمل ڪيو هو، مهانگائي جي شرح گهٽ ترين هئي، 6.1 سيڪڙو جي شرح سان ملڪ ترقي ڪري رهيو هو ته پوءِ ڇو پي ٽي آءِ آءِ ايم ايف وٽ وئي، ان لاءِ ته هنن معيشت کي تباهه ڪيو، جيستائين بي اعتمادي جي رٿ ذريعي پنهنجو اقتدار ويندي ڏٺو ته پي ٽي آءِ چيئرمين پيٽرول جون قيمتون ڪيرائي پنهنجي ئي صحيح سان ڪيل آءِ ايم ايف پروگرام جي خلاف ورزي ڪئي، هن ??يو ته مهانگائي جو پيٽرول بم پي ٽي آءِ ڪيرائي وئي، پيٽرول بم ڦاڙي پوليس وارن جا مٿا به انهن ئي ڦاڙيا ??هي سموريون شيون انهي ڏانهن وڃن ٿيون ۽ اها ئي ان جي چئن سالن جي ڪارڪردگي آهي.