لاڙڪاڻو – 21 – جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان جي پرڏيهي وزير ۽ پيپلزپارٽي جي ??يئرمين بلاول ڀٽو زرداري لاڙڪاڻي جي علائقي ڳوٺ وڪيو سانگي پهچي ٻوڏ متاثرين جي لاءِ تعمير ٿيندڙ گهرن جو جائزو ورتو. بلاول ڀٽو زرداري سان گڏ سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه پڻ هو. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي ٻوڏ متاثرين جي لاءِ سنڌ پيپلز هائو??نگ جي ??يف آپريٽنگ آفيسر ملڪ نجف خان پاران بريفنگ ڏني وئي. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي سنڌ رورل سپورٽ آرگنائيزيشن جي ??يف ايگزيڪيوٽو آفيسر ڏتل ڪلهوڙو پڻ تعمير ٿيندڙ گهرن بابت بريفنگ ڏني. هن ٻڌايو ته ڳوٺ وڪيو سانگي جي 266 ٻوڏ سبب تباهه ٿيل گهرن م??ن 147 گهرن جي تعمير جي شروعات ٿ?? چڪي آهي، ڳوٺ وڪيو سانگي جي 138 ٻوڏ متاثرين کي گهرن جي تعمير جي لاءِ پهرين قسط، 102 کي ٻي جڏهن ته 60 کي ٽئين قسط جاري ٿي چڪي آهي. ان موقعي تي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ٻوڏ متاثرين جي لاءِ سنڌ پيپلز هائو??نگ ۽ ايس آر ايس او جي ??وششن کي ساراهيو.