اسلام آباد – 21 – جولاءِ (اي پي پي) پرڏيهي آفيس ج?? ترجمان چيو آهي ??ه يونان ۾ ٻيڙيءَ جي واقعي ۾ مارجي ويل چئن پاڪستانين جا مڙهه ٻن جدا جدا اڏامن ۾ لاهور ۽ اسلام آباد پهچايا ويندا. اها ڳالهه پريس بريفنگ ۾ ٻڌائي وئي. هن چيو ته مڙهه گجرات ۽ گوجرانوالا ضلعن ۾ پونئيرن جي حوالي ڪيا ويندا. هن چيو ??ه يونان ۾ اسان جو مشن ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ باقي رهيل مڙهه واپس آڻڻ لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي. ترجمان چيو ته اسان متاثرين جي سڃاڻپ جي لاءِ يونان جي عملدارن سان به را??طي ۾ آهيون.