اسلام آباد – 26 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف لاهور ۾ ٻوڏ واري صورتحال ۽ ش??ري?? جي پريشانين جو نوٽيس وٺندي صوبائي حڪومت ۽ ضلع?? انتظاميا کي پاڻي نيڪال ڪرڻ جي لاءِ فوري قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم برسات واري صورتحال ۾ سمورن لاڳاپيل ادارن جي ٽيمن کي متحرڪ ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. هن هدايت ڪئي ته ش??ري?? کي تڪليف ۽ پريشاني کان بچائڻ جي لاءِ ڪا سستي نه ڏيکاري وڃي، برساتي صورتحال جي ڏس ۾ مسلسل مانيٽرنگ ۽ انتظامي قدمن کي يقيني بڻايو وڃي ۽ 24 ڪلاڪن جي بنياد تي پاڻي کي نيڪال ڪرڻ جا انتظام ڪيا وڃن. وزيراعظم برسات ۽ ٻوڏ واري صورتحال جي ڏس ۾ ٽريفڪ جي رواني ۽ متبادل رستن جي وقت سر نشاندهي يقيني بڻائڻ ۽ ملڪ جي ٻين علائقن ۾ حفاظتي ۽ اڳواٽ انتظامن جي پڻ هدايت ڪئي ۽ چيو ته صوبائي حڪومتون ۽ ضلع?? انتظاميا هڪ ٻئي سان سهڪار ڪري ????ري?? کي پريشاني کان بچائن.