اسلام آباد – 19 – جون (اي پي پي) پاڪستان ۽ ايران جي ٻطرفي سياسي مشاورت جو 12 هون دور تهران ۾ ٿيو. پرڏيهي آفيس موجب پرڏيهي سيڪريٽري ڊاڪٽر اسد مجيد خان ۽ ايران جي نائب پرڏيهي وزير علي باغيري ڪني ٻنهي ملڪن جي قيادت ڪئي. ??لا??ات ۾ پاڪستان جي سفير رحيم حيات قريشي ۽ ٻنهي طرفن جي ٻين اعليٰ عملدارن پڻ شرڪت ڪئي. ڌرين ٻ??رفن لاڳاپن جي سمورن رخن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ گذريل اجلاس جي فيصلن تي عملدرآمد جي صورتحال جو جائزو ورتو. ٻطرفي واپار کي وڌ??ئڻ ۽ توانائي، ٽرانسپورٽ رابطن، تعليم ۽ عوام سان عوام جي مٽاسٽا ۾ تعاون وڌ??ئڻ تي اتفاق ڪيو ويو. ڌرين علائقائي صورتحال تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ ويجهي تعاون کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ گڏيل اقتصادي ڪميشن ۽ گڏيل واپاري ڪميٽي سميت مختلف اداراجاتي مڪينزم جي باقاعده اجلاس جي اهميت تي زور ڏنو. ڌرين گڏيل قومن، او آءِ سي ۽ اي سي او سميت گهڻ رخي فورمن تي تعاون جاري رکڻ ۽ گڏيل ڳڻتي جي عالمي ۽ علائقائي مسئلن تي ڳالهه ٻولهه کي مضبوط بڻائڻ جي پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪيو. پرڏيهي سيڪريٽري ايران ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپن کي معمول تي آڻڻ جي آجيان ڪئي. هن پنهنجي ايراني هم منصب کي ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين جي صورتحال کان آگاهه ڪيو ۽ ڪشمير ڪاز جي لاءِ ايران جي ثابت قدم حمايت کي ساراهيو. پرڏيهي سيڪريٽري پرڏيهي وزير حسين امير عبدالله سان ??لا??ات ڪئي. هن اعليٰ سطحي ٻطرفي مٽاسٽا جي موجوده رفتار کي برقرار رکڻ ۽ مختلف شعبن ۾ گڏيل فائديمند تعاون کي مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ڪيو. پارليامينٽ ميمبر/ پاڪستان – ايران ??ارلياماني فرينڊشپ گروپ جي چيئرمين احمد امير آبادي فرحاني سان جدا ??لا??ات ۾ ٻنهي ڌرين پارلياماني مٽاسٽا کي وڌ??ئڻ جي اهميت تي زور ڏنو. پرڏيهي سيڪريٽري ڊاڪٽر اسد مجيد خان اڪنامڪ ڪوآپريشن آرگنائيزيشن (اي سي او) جي سيڪريٽري جنرل خسرو نوزيري سان ??ڻ ??لا??ات ڪئي ۽ تنظيم جي لاءِ پاڪستان جي حمايت جو ورجاءُ ڪيو. هن اي سي او جي ميمبر ملڪن جي وچ ۾ علائقائي رابطن ۽ واپاري فروغ جي اهميت کي پڻ اجاگر ڪيو. تهران ۾ پرڏيهي سيڪريٽري ناليواري ايراني ٿنڪ ٽينڪ انسٽيٽيوٽ آف پيس اينڊ انٽرنيشنل اسٽڊيز جي ايراني دانشورن ۽ اسڪالرز سان ??ڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي جتي هنن خطي ۾ امن ۽ ترقي جي فروغ لاءِ پاڪستان جي ڪردار تي روشني وڌي.