ڪراچي – 16 – جون (ا?? پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئ??مي?? ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ميانوالي سان تعلق رکن??ڙ پارٽي جي پراڻي ساٿي ۽ پنجاب ڪائونسل جي ميمبر ايڊووڪيٽ صداقت الله جي لاڏاڻي تي ڏک ۽ افسوس جو اظه??ر ڪيو. بلاول هائوس ميڊيا سيل پاران جاري بيان موجب بلاول ڀٽو زرداري تعزيت?? پيغام ۾ ايڊووڪيٽ صداقت الله جي پونئيرن سان دلي تعزيت جو اظه??ر ڪيو. هن چيو ته سوڳوار خاندان جي ڏک ۾ برابر جو شريڪ آهيان. بلاول ڀٽو زرداري م??حوم جي لاءِ جنت الفردوس ۽ سوڳوارن جي لاءِ صبر جميل جي دعا پڻ ڪئي.